عمران خان ۽ ڳالهين واري ٽرڪ جي بتي

تحرير: وسعت الله خان

سرچاءَ جو عمل، چاھي زال مڙس  ۾ هجي، سياستدانن  وچ ۾ هجي يا رياستن ۾،ڪامياب تڏھن ئي ٿيندو آھي جڏھن هڪ ڌر حالتن ۽ واقعن کان ٿڪجي پئي يا  ٻئي ڌريون بيزار ٿي پون، گھربل لچڪ ڏيکاريندي  بحران جي وڪڙ  مان نڪرڻ  جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪن ۽ ناڪام ٿيڻ لڳن تھ ڪنھن اڻ ڌرئي ٽياڪڙ کي وچ ۾ وجھن ۽ تعطل ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.

انهن منطقن ۽ اصولن جي روشني ۾، جيڪڏهن شهباز حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ”مفاهمتي ڳالهين“ واري روئڻھارڪي  عمل کي ڏٺو وڃي تھ بقول منھنجي دوست عبدالله پنواڙي، جي ”ٽائم پاس“ ئي ٿي رھيو آھي.حجت پوري ڪئي پئي وڃي. ته جيئن چوڻ لاءِ ڳالھھ رھجي وڃي تھ ، اسان تھ پوري ڪوشش ڪئي،سامھون بددماغ  ۽ ھٺيلو آھي، تھ اسان  ڇا ڪريون.پي ٽي آءِ کي  به چڱيءَ طرح خبر آهي ته عمران خان سميت جيترا بھ ”سياسي قيدي“ آھن، انھن کي ڪنھن گروهه اغوا نه ڪيو آھي، جو ڳالھين جي نتيجي ۾(ٻئي ڏينھن ) سڀاڻي شام تائين آزاد ٿي ويندا، بلڪھ انھن سڀني کي  سول ۽ فوجي قانونن جي تيزابي گاڏڙ پاڻياٺ ۾ ٻوڙي اندر رکيو پيووڃي.

انهن مان جيڪو آزاد ٿيندو اھو تڏھن ئي ٿيندو جڏھن ڪنھن ”عدالتي طريقيڪار“  جي قينچي سان ڪيس جا رسا وڍيا ويندا،جئين شريف برادران، زردارين ۽ انهن جي حامين سان فيبروري 2024 جي چونڊن کان اڳ يا پوءِ  ٿيو هو.پي ٽي آءِ کي اها به خبر آهي ته 8 فيبروري جي چونڊ نتيجن جي ٻيهر جائزي وٺڻ يا نئين شفاف چونڊن جي مطالبي کي پڻ ڪو نھ مڃيو ويندو. مڃڻ جو مطلب ھن وقت تائين جي ڪَئي ڌَري، تي پاڻي ڦيرڻ ھوندو.

جيڪا حڪومت  صفا عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي  آڱر جھلي ھلي رھي ھجي، جھڙي طرح عمران خان جي حڪومت ھلي رھي ھئي. اھڙي حڪومت ڪيئن وقت کان اڳ چونڊن  يا عيب دار چونڊن جي مرمت تي راضي ٿي، پنهنجي سياسي ۽ اقتداري  بليڪ وارنٽ تي دستخط ڪري سگھي ٿي.جڏهن ڌريون  ” يا تون يا اسين “  جي بنياد تي ڪم ڪري رهيون هجن،اتي ذرو بھ لچڪ ڏيکارڻ  جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

تنهن ڪري، ڳالهين جي نالي تي، هر ڪنهن جو زور وقت گذارڻ تي آهي،نھ تھ جيڪي مطالبا پي ٽي آءِ، ھر ڌرڻي ،ھر ٽوئيٽ ۽  هر پريس ڪانفرنس ۾ ورجائي ٿي انھن کي لکت جي صورت ۾ ٻي ڌر کي ڏيڻ ايڏو وڏو  اشو نھ بڻجي ھا، جنھن جي لاءِ  اسان کي خان صاحب کان اجازت وٺڻي پوي. اجازت لاءِ جيل ۾ ملاقات ڪرڻي پوندي، ملاقات اھڙي ماحول ۾ ٿئي جيڪو جاسوسي ماحول کان آجو ھجي.( جاسوسي ڊوائيسز جي موجودگيءَ ۾ ئي  قيدي ذوالفقار علي ڀٽو، پينسل ۽ ڪاغذ جي مدد سان ملاقاتي ڌيءَ سان  ڳالھه ٻول ڪندو ھو ۽ پوءِ اھو ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيندو ھو)

جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم تي عمران خان تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي رسائي جو ٿورو ڪيو بھ وڃي، ته به ڪهڙو بئريسٽر گوهر، عمر ايوب، عليمه خان يا گنڊاپور عمران خان کي جيل ٽوڙائي ڀڄائي وڃڻو آھي.اهو ضروري ناهي ته حڪومت هر قدم تي اهو ثابت ڪرڻ جو ننڍڙو  موقعو به ھٿ مان  وڃڻ نھ ڏئي ته، ڏسو، ڏسو  اسان ڪيترا بااختيار آهيون، اسان ڪا”فارمي“ سرڪار  نه آهيون.

( اسان جي نانيءَ اھڙي موقعي تي چوندي هئي، ”وائڙي جي ھٿ ۾ تتر ، ھٿ مان ڪڍ تھ پٿر“)

شايد اهو ”اختيارپڻو“  ثابت ڪرڻ ائين ضروري آهي ته جيئن عمران خان کي  سليڪٽيڊ وزيراعظم  جو طعنو ٻڌي ڪاوڙ ايندي ھئي.اھڙي ئي ڪاوڙ موجوده وزيراعظم کي اردلي جو طعنو  ٻڌي ايندي  تھ ھوندي.اردلي کي بھ جيڪڏهن ڪو ، اوئي اردلي ، اڙي اردلي، چئي ڪري سڏي تھ  چھرو ڳاڙھو تھ  ٿي ويندو  آھي،چھرو تھ ضرور ڳاڙھو ٿي ويندو ھوندو، جيڪڏھن توهان ڪنهن وزيراعظم کي سڌو سنئون سندس منهن تي "سليڪٽيڊ” يا "ملازم”  چئو.جيئن پي ٽي آءِ جو مفاد بس ايترو آھي تھ حڪومت کي مسلسل پيرن تي کڙو رکي. ته جيئن اها سڪون سان پنهنجي سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ ايجنڊا تي ڪم نه ڪري سگهي.

ساڳئي طرح، حڪومت بھ رڳو اھو چاھي ٿي تھ ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجو مدو پورو ڪري وٺي.ڀلي ان لاءِ آئين ۽ قانونن ۾ ڪيتري بھ ڦيرڦار ڇو نھ ڪرڻي پوي. ان کي اميد آهي ته ان تيستائين تھ معيشت و امن امان جي محاذ تي ڪو  اهڙو تير ماري وٺي جو ، پي ٽي آءِ جي ورانڊي  ۾ ويٺل دل ھاريل ووٽر جي دل نرم ٿي وڃي.

عسڪري اسٽيبلشمينٽ جو مفاد صرف ايترو آھي تھ  سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام ڀلي رھي پر هڪ خاص دائري کان ٻاهر نه نڪري وڃي، ته جيئن اهم سياسي ۽ معاشي معاملن ۽ ادارن تي لوهي گرفت ڍري نه ٿئي، بلڪھ شڪنجو  ٿورو وڌيڪ  سوڙھو ٿي وڃي تھ واھ واھ .ڇاڪاڻ ته، پنهنجي پَر ۾ ھاڻي رڳو اھي ئي آھن جيڪي پاڪستان جي وفاقي استحڪام جي ضمانت آھن.باقين کي جز وقت ملازمتن ۽ رعايتن جا گج ڏئي گڏ سوار تھ ڪري سگھجي ٿو، پر رياست جي وھنوار کي بخوبي نڀائڻ  جي معاملي تي اعتماد نھ ٿو ڪري سگھجي، ڀروسي جو مطلب آهي اختيارن جي واڳ ۾ حصيداري ۽ حصيداري ڀلا ڪنھن کي پسند آهي.

اسٽيبلشمينٽ کي اميد آھي  ته جيئن گذريل ستتر سالن ۾ پاپولر پارٽين ۽ ليڊرن  کي رستي تان هٽائڻ يا انهن کي ٿڪائي ٿڪائي مارڻ جي پاليسي ڪامياب  رهي،ھن ڀيري بھ ان پاليسي کي اڳيان وڌائڻ ۾ ظاھر طور تي باقي ڪا رڪاوٽ نھ آھي. سڀ لائن ۾ آھن، سواءِ هڪ  منھن زور گهوڙي جي. ڏسڻو اھو آھي تھ  ھارس ٽرينر (سائيس) جو چھبڪ پھرين ٿڪي ٿو يا گھوڙي جو زور ُٽٽي ٿو. سائيس ۽ گهوڙي وچ ۾ ڳالهيون تڏهن ئي ڪامياب ٿينديون آهن جڏهن اسپِ تازي ٻين گھوڙن وانگر  سکڻ لاءِ راضي ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.