گذريل ڏينهن اسرائيل جي صيهوني حڪومت گريٽر اسرائيل جو نقشو جاري ڪري ڇڏيو. اسرائيلي حڪومت طرفان جاري ڪيل نقشي ۾ والاريل فلسطيني علائقن کانسواءِ اردن، شام لبنان ۽ ٻين عرب ملڪن کي اسرائيل جو حصو ڄاڻايو ويو آهي.فلسطين، سعودي عرب، قطر، اردن، گڏيل عرب امارات اسرائيل جي جڙتو تاريخي صيهوني رياست تڪراري نقشي جي مذمت ڪئي آهي.جڏهن ته سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙا بي بنياد ۽ انتهاپسندن قدم اسرائيلي اختيارين جي غاصبانه ارادن کي ظاهر ڪن ٿا.سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت موجب، اهڙا قدم قبضي کي مستحڪم ڪرڻ، رياستن جي خودمختياري تي حملي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جي ارادن کي ظاهر ڪن ٿا، عالمي برادري خطي جي ملڪن ۽ عوام تي جاري اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. ٻئي پاسي قطر جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جو اِهو قدم ٻين ملڪن جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.جڏهن ته اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل اٽڪل ٽي هزار سال اڳ قائم ٿيو، جنهن جي شروعاتي ٽن بادشاهن ۾ شائوول، شاهه دائود ۽ شاهه سليمان شامل هئا جن مجموعي طور تي هڪ سئو ويهه ورهين تائين حڪمراني ڪئي، سندن دور ۾ يهودي ثقافت، مذهب ۽ معيشت ترقي ڪئي.پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي931 قبل مسيح ۾ شاهه سليمان جي وفات کانپوءِ اندروني تڪرار ۽ ڳرن ٽيڪسن سبب ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
تازو ”گريٽر اسرائيل“ جو نقشو جاري ڪرڻ کانپوءِ به عرب ملڪن ۾ ڪا خاص چرپر نظر نه آئي آهي جڏهن ته پوري دنيا جا مسلمان ھاڻي عربن جي چپ سبب ڪنڌ هيٺ ڪيون بيٺا آهن.جڏھن ته اسرائيل آفيشل طور تي گريٽر اسرائيل جو نقشو ظاھر ڪري ڇڏيو آهي. جنھن موجب شام لبنان ۽ پورو فلسطين 2025 ۾ اسرائيل جو حصو آھي. آخرڪار اسرائيلي حڪومت ھڪ نقشو جاري ڪري اعلان ڪيو ته شام اردن مصر سعودي عرب عراق ۽ ترڪي اسان جا آھن ۽ اھو گريٽر اسرائيل يعني عظيم اسرائيل جو حصو آھن ھاڻي عرب پنهنجو دفاع به نه ٿا ڪري سگهن ڇو جو دشمن سندن گهر ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ چارئي طرف گهيرو ڪري کين سوگهو ڪري چڪو آهي گريٽر اسرائيل جو نقشو سندن لاءِ موت جو ڦندو بڻجي سندن ڳچي ۾ پئجي چڪو آهي، نيتن ياهو حڪومت جو غزا کي مڪمل تباھه ڪرڻ کان پوءِ نئون منصوبو تيار ڪري ورتو آهي پر اسان وارا مسلمان رڳو لاش کڻڻ ۾ پورا آهن غزه تي جارحيت ڪندڙ يهودي رياست جو منصوبو بينقاب ٿي چڪو آهي، فلسطين، اردن، لبنان ۽ شامي علائقن تي ٻڌل گريٽر اسرائيل جو نقشو يقينن تباهي کانسواءِ ڪجهه به نه آڻيندو ان سموري معاملي ۽ اٿل پٿل ۾ پاڪستان ڪٿي بيھندو اھو سوچ ويچار جي ضرورت آھي. جيڪڏهن نيٽو جون فوجون اسان جو ڪوس ڪرڻ پهتيون ته اسان وٽ ٻيو ڪوبه آپشن نه هوندو جنهن سان پنهنجو دفاع ڪري سگهجي ڇوته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان به دوستاڻه رويا برقرار نه رکي سگهيا آهيون.