خوشحالي جي ڪوڙي ڪھاڻي ۽  عوام

تحرير: رفيق پٽيل

پي ڊي ايمجي اڳوڻي ۽ ھاڻوڪي حڪومت دوران مسلسل سياسي ۽ معاشي بي يقيني ثابت ڪري ڇڏيو آھي تھ عوام جي اڪثريت جي خواھشن خلاف ملڪ جو نظام ھلائڻ ۽ ملڪ جي سڀني کان وڏي جماعت کي چٿڻ جي نتيجي ۾ ملڪ جو سمورو سياسي،معاشي ۽ سماجي ڍانچو ڀڃ ڊاھ جو شڪار  ٿي رھيو آھي.ان سان ملڪ جي ساليمت ۽ بقا کي بھ خطرو ٿي سگھي ٿو.ھن جديد دور ۾ مقبول سياسي جماعت خلاف طاقت جي استعمال تي عالمي سطح تي تنقيد ٿي رھي آھي. دنيا جا اھم ملڪ اھڙي طرح جي ڪاررواين جو باريڪ بيني سان جائزو وٺندا آھن.اعليٰ عدليھ ۽ قانون دان طبقي ۾ پڻ ان ڳالھھ تي ڳڻتي آھي تھ 26 ھين آئيني ترميم عدليھ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آھي.انتظاميھ خود عدليھ جي جاءِ والاري رھي آھي،اصل ۾ ھاڻوڪي آئيني ترميم جي ذريعي عملي طور تي آئين جي ڪا بھ حيثيت نھ رھي آھي،موجوده  نظام موجب جڏھن بھ نيون چونڊون  ٿينديون تھ  اھي حڪمران جماعت جي جوڙيل اليڪشن ڪميشن کان ئي ڪرايون وينديون يا وري ھاڻوڪي اليڪشن ڪميشن جي عھديدارن جي ملازمن جي مدي ۾ واڌ ڪئي ويندي.نتيجا بھ پنھنجي مرضي جا، ريٽرنگ آفيسر پڌرا ڪندا، جنھن سان اھي ئي جماعتون ڳري اڪثريت سان ڪامياب ٿينديون.وڏي عمر جا ميمبر ۽ وزير رٽائرڊ ٿي ڪري پنھنجي اولاد کي اسيمبلين ۾ وٺي ايندا. وڌندي وڌندي اھو سلسلو اسيمبلين ۾ مخالف ڌر جي خاتمي تائين رسي ويندو.ان نظام تحت حڪمران جماعت جو ھر اميدوار من پسند رٽرنگ آفيس جي مقرري چاھيندو. حڪمران جماعت بھ پنھنجي اميدوارن جي خواھشن جي تڪميل ڪندي يعني ھڪ اھڙي نظام جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي جيڪو اتر ڪوريا سان ھڪجھڙائي رکي ٿو.ان سان حڪمران نسل در نسل حڪومت ڪندا رھن ۽ انھن تي ڪنھن قسم جي روڪ يا گرفت نھ ھجي.

اسين اتر ڪوريا نٿا بڻجي سگھون، اھو اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽير آھي،اھڙي طرح جي انصاف کان وانجھيل نظام ۾ اندروني انتشار بھ جنم وٺندو آھي.ملڪ تباھي ڏانھن ھليو ويندو آھي،حيرت جي ڳالهھ اھا آھي تھ نوازشريف جو ويجھو ساٿي جيڪو ٽي وي پروگرامن ۾ مبصر بھ آھي.پنھنجي “دانشمنداڻي“ راءِ ڏيندي فرمائي رھيو ھو تھ سندس نظر ۾ نيون چونڊون ھڪ ممڪن حل آھي،جيڪي نسبتن شفاف ڀريون ھجن.( يعني ان ۾ بھ ڌانڌلي ٿئي) ھن جو چوڻ ھو تھ پي ٽي آءِ، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ مقبول جماعت آھي،تنھنڪري شفاف چونڊن ۾ ھن وقت اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جو خاتمو ٿي سگھي ٿو، انھن سببن جي ڪري شفاف چونڊون نٿيون ڪرائي سگھجن.ٻين لفظن ۾ اھو پھرين طئي ڪرڻو پوندو تھ ڪھڙي جماعت کي ڪيتريون سيٽون ڏنيون وڃن. حالانڪھ جمھوريت کي شفاف چونڊن کان جدا ڪيو وڃي تھ جمھوريت جو بنياد ئي ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪوڙو جوڙيل نظام لاڳو ٿي وڃي ٿو.شفاف جمھوري عمل ۽ شفاف چونڊن سان ئي عوام جو حڪومت تي اعتماد قائم ٿئي ٿو.مشھور انگريزي چوڻي آھي تھ ” جمھوريت جي خرابي جو علاج وڌيڪ جمھوريت سان ئي آھي“ شفاف جمھوري عمل ۾ خراب ڪارڪردگيءَ جي ڪري ڪجهھ سياسي جماعتن کي عوام رد ڪري ڇڏي ٿو.جنھن سان بھتر کان بھتر نمائندا اڳيان اچن ٿا.اولھه جي جمھوريت جي نظام ۾ ترقي يافتھ  ملڪن اھڙي طرح سان ئي ترقي ڪئي ھئي.ان جي ابتڙ بنگلاديش ۾ جڏھن چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ذريعي پنھنجن مخالفن  کي چٿڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا تھ ان جي نتيجي ۾ اتي اقتدار ۾ آيل عوامي ليگ کي عوام ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، سمجھو تھ عوامي ليگ ڄڻ ختم ٿي وئي آھي.

پاڪستان جي سياسي منظرنامي کي ڏسي ڪري سياست جي معمولي سمجھه رکندڙ بھ اھو اندازو لڳائي سگھي ٿو تھ عوام جي حمايت کان محروم موجوده حڪمراني جو مصنوعي نظام ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ معاشي  بحران ۾ اضافو ڪري سگھي ٿو.جنھن ۾ گھٽتائي جو پري تائين بھ ڪو امڪان نھ آھي.عوامي حمايت بنا استحڪام جي اميد کي ديواني جو خواب ئي قرار ڏئي سگھجي ٿو. اڻ ڄاڻ سببن جي ڪري شايد ڪجھه دانشور پنھنجي مان مرتبي جي پرواھ ڪرڻ بنا موجوده بحران کي پڻ استحڪام ۽ خوشحالي سڏي رھيا آھن.اھڙين ڪوڙين ڪھاڻين تي شايد اھي پاڻ بھ يقين نھ رکندا ھوندا، اھڙين ڪوڙين تلسين تي عوام ڪنھن بھ ريت يقين نھ ڪندو.اڄ حالتون ان موڙي تي پھچي ويون آھن جو حڪمران جماعتن جا اڳوان ۽ فيصلو ڪندڙ ڌريون تھ بي وس آھن يا زميني حقيقتن جي پرواھ نھ ڪندي اڳيان وڌندر طوفان جي ڪري واريءَ ۾ منھن لڪائي رھيا آھن يا انھن جا سمورا اندازا ھوائي ڪوٽن ۽ خيالي پلاءُ جيان آھن، جيڪو انھن جي مصنوعي اقتدار کي ٻوڙي رھيو آھي.شايد انھن وٽ دولت جا ڍڳ بھ ھوندا، معاملا وڌيڪ خراب ٿيندا تھ ان دولت کان بھ کين محروم ٿيڻو پئجي سگھي ٿو.

ڪوشش جاري آھي تھ موجوده حڪمران وقتي طور تي پنھنجي بچاءَ جو رستو ڳولين، ان باوجود اقتدار ختم ٿيڻ بعد دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ کين لڪي ڪري   زندگيءَ گذارڻي پوندي.ايئن محسوس ٿئي ٿو تھ جيڪو ڄار انھن عوام کي سوگھو ڪرڻ ۽ بيوس ڪرڻ جي لاءِ وڇايو ھو ان ۾ پاڻ ئي ڦاسي پيا آھن.ھاڻي ان مان نڪرڻ جو رستو نظر نھ پيو اچي.اھا ڳالھھ به حڪمرانن جي سمجهه کان مٿي آھي تھ آخر عمران خان ڇو راضي نھ ٿي رھيو آھي. اھي ھي سمجھڻ کان بھ قاصر آھن تھ عمران خان جي آزادي تھ معمولي ڳالهه ھي پر شايد ھو بي اختيار وزيراعظم بڻجڻ جي آڇ بھ قبول نھ ڪندو.سبب اھو آھي تھ عمران خان عمر قيد يا ڦاھي جي سزا جي لاءِ تيار آھي.پر موجوده ظام کي ان وقت تائين قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي جيستائين اولھھ جي طور طريقي جي قريب پاڪستان سماج سان مطابقت رکندڙ جمھوريت ۽ قانون جي حڪمراني تي ٻڌل نظام قائم نھ ٿو ٿئي.

جيڪو نظام شفاف ۽ اڻ ڌرين چونڊن ۽ انساني حقن کانسواءِ عدليھ جي ضمانت ڏئي سگھي.اھو ئي سبب آھي جو ھو سڀ کان پھرين پنھنجي ڪارڪنن جي آزادي چاھي ٿو. ھن کي چٽي ريت نظر اچي رھيو آھي تھ جيل جو ھڪ ھڪ لمحو ھن کي طاقتور بنائي رھيو آھي.قيد جي زندگيءَ ھن جي قدر ۽ منزلت ۾ قومي  ۽ عالمي سطح تي لڳاتار اضافي جو سبب آھي.ان جي ڀيٽ ۾ اقتدار ۾ ويٺل ڌرين جو ھڪ ھڪ لمحو ھنن جي لاءِ عوامي نفرت جو سبب بڻجي رھيو آھي.عمران خان ديو بڻجي رھيو آھي ۽ سندس مخالفن جو قد گھٽجندو ننڍو ٿيندو پيو وڃي.ھن خلاف کين قدم کي ڄڻ طاقت جو ُٽڪو بڻجي رھيا آھن.حڪمران جماعتن جا اڳواڻ ڊنل نطر اچي رھيا آھن،شايد ٻاھرين دٻاءَ سان ھنن جا ھٿ پير ُسن ٿي ويا آھن.ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏنل بيانن تي خود انھن کي بھ اعتبار نھ آھي.انھن جا لھجا ۽ چھرين جا تاثرات بھ انھن جو ساٿ نھ ڏئي رھيا آھن، اھو تصور ڪري وٺڻ تھ ملڪ ۾انصاف جو خاتمو ڪري، انساني حق معطل ڪري انتظاميھ کي قانون ۽ آئين کان مٿاھون ڪري استحڪام اچي سگھي ٿو.اھو سڀ بيمار ذھن جي عڪاسي ڪري ٿو.جابراڻي ۽ امراڻي نظام جي ذريعي ملڪ کي ھلائڻ جا تمام گھڻا نقصان ٿي چڪا آھن.ھاڻي عالمي دٻاءَ بھ وڌي رھيو آھي.ھن وقت سبق حاصل نھ ڪيو ويو تھ نقصان ۾ اضافو کي روڪڻ ممڪن نھ ھوندو.پاڪستان کي عوامي حمايت جي ذريعي ڪنھن بھ الميئي کان بچائڻو پوندو.عوام کي اختيار ڏنو وڃي تھ اھو تيز رفتار معاشي ترقي سان ملڪ کي بحران مان ڪڍي وٺي.ڌانڌلي وارين چونڊن سان جوڙيل ڪوڙ جي نظام کان نجات ۾ ئي ملڪ جي ڀلائي لڪيل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.