ڀائو در محمد ٻرڙو: اونداهي سماج ۾ روشن ڏيئو

تحرير: قمرالدين قمر

هتي هر ماڻهو پنھنجي شھر، ڳوٺ، ڌرتي ۽ مظلوم  سنڌي قوم جي بھتري ۽ چڱائي لاءِ سوچي ضرور ٿو پر اسان مان اهي اڪثر اهو ڪردار ادا نٿا ڪن، جيترو اسان ذاتي مفاد لاءِ ۽ گهر وارن لاءِ ادا ڪيون ٿا پر جي اسان مان اڪثريت ڀائو در محمد جيئن گهڻو نه ئي سھي پر ڪجهه نه ڪجهه سنڌي مظلوم قوم لاءِ پنھنجي شھر ۾ علمي ادبي ادارا ٺاهي تعليمي ادبي ثقافتي مدد ڪري سگهجي ٿي.

ڀائو در محمد نه سيد آ، نه سپاهي آ، نه اسيمبلي ميمبر رهيو آهي نه آفيسر يا وزير رهيو آهي، نه ڪنھن طاقتور جو ڀيڻويو نه سالو، نه پر خود غريب گهراڻي جي مزدور جو پٽ آهي، جنھن تي هو فخر ڪندو آهي. هو بهتر انقلابي ماحول ۽ علم حاصل ڪرڻ جي ڪري پنھنجي مظلوم قوم ۽ سنڌ ڌرتي تي خوشحالي لاءِ پنھنجي شھر  ۾ تنظيمون ٺاهيائين. وطن دوست تنظيمن ۾ رهيو. هو پنھنجي پورهيت عوام ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ چوڪس ، سجاڳ ۽ باعمل رهيو آهي. هن سدائين با شعور ماڻهن جيان پنھنجي ڌرتي، قوم جي خوشحالي جا خواب ڏٺا آهن پر اسان ڄاڻون ٿا ته سندس سمورا خواب ۽ خيال پورا ڪونه ٿيا آهن. پر هن عملن سچائي ۽ جرئت سان پنهنجي ڌرتي جي آزادي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ضرور ڪيو آهي. شروع ۾ هن عوامي تحريڪ جي  پليٽ فارم تان ان جي سمورين ذيلي تنظيمن کي سرگرم ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ عوامي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ لطيف جو کاهوڙي ڪردار ٿي جاکوڙيو آهي. ان کان پوءِ ۽ پنهنجي شهر قمبر ۾ شعوري سجاڳي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ترقي پسند ۽ روشن خيال تنظيمن ٺاهڻ جا بنياد رکيا. سڀ کان اول هن بهتر شروعات پاڻ کان ڪئي. جو راشي اداري ۾ هوندي به پنهنجي مقرري جي پهرين ڏينهن کان ويندي رٽائرمينٽ وٺڻ تائين هن رشوت نه ورتي، پر اهڙي اداري ۾ رهي به عوام جي خدمت تي يقين رکيو  ۽ ان لاءِ پاڻ پتوڙيو. انھيءَ لاءِ هن ڪو به عوام دشمن عمل نه ڪيو. هن پنهنجي قمبر شهر ۾ پهرين نوجوانن کي منظم ڪرڻ لاءِ 1974ع ۾ گلن جھڙا ٻارڙا سنگت جو بنياد رکي قمبر جي انتها پسندي  ۽ جاگيرداري ماحول ۾ ترقي پسندي جو پهريون پير کوڙيو ۽ شعوري انقلابي جاڳرتا جي بنيادي شروعات ڪئي. جنهن کان پوءِ عوامي تحريڪ جھڙي سلجهيل، با اعمل انقلابي تنظيم جو يونٽ کولي پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان گڏجي باقي عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيمن، جھڙوڪ سنڌي شاگرد تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ کي پنهنجي شهر ۽ ضلعي ۾ منظم ڪيو. جڏهن جنرل ضياءُ پنهنجي قهري مارشل لا هڻي سياسي تنظيمن تي بندش رکي، تڏهن هن پنهنجي سياسي عمل کي ادبي ڪيپسول ۾ بند ڪري ساڳيو مارشل لا جي خلاف 1980ع ۾ سنڌي ادبي سنگت قمبر جو بنياد رکيو جنهن سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب لاءِ مثالي اديب ڏنا، جيڪي قمبر جي نه پر سڄي سنڌ جي ادبي سياسي سماجي صحافتي سجاڳي ۾ مرڪزي ڪردارا ادا ڪن ٿا.

رٽائرمينٽ کان پوءِ ان پيسن مان ڀائو در محمد ٽرسٽ پبلڪ لائبريري ٺهرايائين ان کان اڳ ۾ قمبر شهر ۾ سرڪاري يا عير سرڪاري طور تي لئبريري ٺهيل ڪونه هئي، جنهن ۾ نوجوانن ۾ شعوري جاڳرتا وڌائڻ لاءِ 6000 کان وڌيڪ ڪتاب اديبن ۽ دوستن جي مدد سان وٺي رکيائين. روزانو 8 اخبارون اينديون هيون. لئبريري ۾ نوجوانن جي علم حاصل ڪرڻ جون سموريون سهولتيون مهيا هيون، جنهن مان روزانو 150 کان وڌيڪ  شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي عملي اڃ اجهائڻ ايندا هئا. هي لئبريري ڏسندي ئي ڏسندي علم جو مرڪز ٿي وئي هئي. جيڪا 28 ڊسمبر 2007ع تي علم دشمن ابوجهل جي روحاني اولادن لئبريري ۾ پيل پاڪ ڪتاب سميت سڄي لئبرريري ساڙي رک ڪري ڇڏي. وري ٻيهر لئبريري ٺھرائڻ لاءِ علم دوستن کان مدد وٺي سرگرم رهيو ته ساڻس هڪ علم دوست انسان سلمان حيدر جنهن جو تعلق (PPL)  سان هو مليس، جنهن جي تعاون ۽ همدردين سان ٻيھر ڀائو در محمد ٽرسٽ پبلڪ لئبريري ٺهي راس ٿي جيڪا 12 سالن کان نوجوانن کي علم پرائڻ جون سموريون سھولتون مهيا ڪري رهي آهي.

هيءَ لئبرريري هن وقت 10 هزار کان وڌيڪ ڪتاب، ڪمپيوٽر، سولر جھڙين سهولتن سان شاگردن لاءِ موجود آهي. هتان پڙهي پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ قمبر جو ثقلين عرف دادن لاشاري به آهي، پهرين هتي قمبر شهر ۾ 16 سالن کان سنڌي ادبي سنگت قمبر جون هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون ۽ ٻيون ادبي ويهڪون ۽ پروگرام به ٿيندا رهن ٿا.

2011ع ۾ قمبر شهداد ڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد رکيائين. ضلعي جي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ شخصيتن کي ضلعي سنڌ ۽ دنيا اندر پذيرائي ڏڻ لاءِ پنج تاريخي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرايائين. چار ليڪچر پروگرام پڻ ڪرايا ويا. چار تاريخي ڪتاب جيڪي قمبر ضلعي جي تاريخ تي مشتمل آهن شايع ڪرايائين. انهن ۾ (1) قمبر شهدادڪوٽ ضلعو، تاريخ جي وهڪري  ۾ (2) قمبر شهداد ڪوٽ ضلعو تاريخ جي آئيني ۾ (3) ڏارهياڙو جبل ۽ ڪتي جي قبر (4) سجاڳي جو سفر شامل آهن. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي تاريخ ۽ ضلعي جي شخصيتن تي مضمون شايع ڪرايائين.

2012ع ۾آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان قمبر شهداد ڪوٽ جو ڀائو درمحمد بنياد رکيو. ان کي منظم ڪرڻ لاءِ تنظيم سازي ڪئي ۽ ادارن کي رجسٽر پڻ ڪرايو، جيڪا اڃا تائين هلندڙ آهي. هن اداري جي هر ٻي سال اليڪشن ٿيندي رهندي آهي. هن اداري ڪيترائي نمايان اداڪار، گلوڪار، شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا آهن. ماڻهن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ مشاعرا، اسٽيج ڊراما، راڳ رنگ جون محفلون ۽ مچ ڪچهريون ڪرايون ۽ هن اداري جي معرفت ڪيترن آرٽسٽن کي پذيرائي ملي آهي. موجوده ڊي سي جناب سجاد حيدر قادري جي مهرباني سان جلد آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي آفيس  کولرائڻ لاءِ ڀائو جون ڪوششون جاري آهن.

ڀائو قمبر شهدادڪوٽ ايٽ قمبر ضلعي جو باني اڳواڻ آهي. قمبر ضلعو ٺهرائڻ ۾ جدوجھد جو اڳواڻ به رهيو. هي جدوجھد حڪومت جي خلاف ساڍا 6 مهينا مسلسل هلي هئي، جيڪا سنڌ جي تاريخ جي ڊگهي ترين جدوجھد رهي. ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ اڄ تائين سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاءِ ڪوششُن جاري آهن. جڏهن ته پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج ڪونه ٺھي سگهيا آهن. ان کان علاوه قمبر جي تاريخي جاين تي پهچڻ لاءِ رستا روڊ ڪونه ٺهرائي سگهيو آهي. هتان جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ٻيا به اهڙا شعبا ٺاهي ڏنا وڃن، جن مان گيس ۽ تيل جي ڪڍڻ ۽ صاف ڪرڻ وارا مقامي جوان انجنئير ۽ ماهر ٿين. جيئن ٻين صوبن جا ماڻهو اسان جا حق ڦٻائي نه سگهن. ضلعي هيڊڪوارٽر قمبر جو سنڌالاجي ڄامشوري جھڙو ادارو ٺاهي ڏنو وڃي. حيدرآباد جي راڻي باغ جھڙو تفريح گاهه ٺهرائي ڏنو وڃي. اسان وٽ جابلو علائقو آهي، هتي بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ سيمينٽ جو ڪارخانو لڳايو وڃي، هتي ڍنڍو ڍورا، ڪنب، تلاءُ جام آهن، جنهن ڪري ڏير، پن، پلال، بھه تمام گهڻو ٿئي، ان ڪري هتي قمبر ۾ پني۽ پاٺي جا ڪارخانا لڳايا  وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.