اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي مامرن واري وفاقي وزارت حج 2025ع بابت اهم فيصلو ڪندي نجي حج منظم ڪمپنيون ۽ ماتحت ڪمپنين کي بُڪنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ نجي حج پانڌيئڙن لاءِ پيڪيجز جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
مذهبي مامرن اوري وزارت جي ترجمان موجب، نجي حج اسڪيم جي بُڪنگ 10 جنوري کان 31 جنوري 2025 تائين جاري رهندي، نجي حج اسڪيم جا مختلف پيڪيجز وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود آهن.
هن چيو ته نجي اسڪيم جا بنيادي حج پيڪيجز پوڻن 11 لکن کان ساڍن 21 لکن جي وچ ۾ رکيا ويا آهن ۽ حج منظم ڪمپنيون سهولت فراهم ڪرڻ واري معاهدي موجب پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي بُڪنگ ڪري سگهن ٿيون.
ترجمان جو چوڻ هو ته واڌو سهولتن سبب 30 لک کان وڌيڪ حج پيڪيجز ”حج پاليسي فاموليشن ڪميٽي“ کان منظور ڪرائڻ لازمي هوندو، حج منظم ڪمپني کي 30 لک کان وڌيڪ حج پيڪيج جي منظوري وقت مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ ضروري هوندو.
هن چيو ته 3 ملين کان وڌيڪ حج پيڪيج وڪڻڻ ۽ خريدڻ وارن جا تفصيل ايف بي آر ۽ لاڳاپيل ادارن سان شيئر ڪيا ويندا.
ترجمان موجب، نجي حج پانڌيئڙا بُڪنگ ڪرائڻ دوران وزارت جي ويب سائيٽ ۽ موبائل ايپ ” پاڪ حج“تان لازمي تصديق ڪرائي، پئسن جي ڏيتي ليتي رڳو ڪمپني جي بينڪ اڪائونٽ ذريعي ڪن ۽ سهولتن وارو معاهدو لازمي طلب ڪن.
ترجمان شهرين کي هدايت ڪئي ته نجي حج پانڌيئڙا بُڪنگ ڪرائڻ دوران حج پيڪيج جي سهولتن کي چڱي طرح سمجهن.
You might also like