ڊيرا اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پنج خوارج مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڏهه جنوري تي سيڪيورٽي فورسز خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڊي آءِ خان ضلعي جي علائقي مدي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوراج جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ خوراج جي اهم ليڊر شفيع الله شفيح سميت پنج دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولابارود هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين سميت معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ موجود ٻين خارجين جي خاتمي لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهن.
You might also like