ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ ) جپان جي هڪ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي نظر انداز ڪرڻ سبب هٿوڙن سان حملو ڪري 8 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جپان جي راڄڌاني ٽوڪيو جي هڪ يونيورسٽي ۾ هڪ ڇوڪريءَ ڪلاس روم ۾ هٿوڙن سان حملو ڪري 8 ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، واقعو ٽوڪيو جي هوسي يونيورسٽي جي تما ڪيمپس ۾ پيش آيو، جڏهن ته حملو ڪندڙ 22 ورهين جي شاگرد گرفتار ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، جوابدار جو چوڻ هو ته هوءَ نظر انداز ٿيڻ سبب ٻڏتر جو شڪار هئي، پوليس واقعي جا وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا.