راولپنڊي( ويب ڊيسڪ) توشا خانا ٽو ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشري بي بي ۽ سندس وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وارننگ جاري ڇڏ ي
اڊيالا جيل ۾ توشاخانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.
بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيا، فريادي ڌر جي شاهد محمد احمد کان پي ٽي آءِ باني آڏي پڇا مڪمل ڪئي.
بشريٰ بي بي جي وڪيل ارشد تبريز جي غير حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن بشريٰ بي بي جو وڪيل ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته آڏي پڇا جو حق ختم ڪري ڇڏينداسين.
توشا خانا ٽو ڪيس ۾ مجموعي طور تي 5 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي فريادي ڌر جي وڌيڪ ٻن شاهدن کي طلب ڪنديڪيس جي ٻڌڻي 14 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.