اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا کي عمران خان جو اعتماد حاصل آهي.
هڪ بيان پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته سلمان اڪرم راجا کي پي ٽي آءِ باني ئي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو آهي، ڪنهن کي مقرر ڪرڻ يا هٽائڻ اهو پي ٽي آءِ باني کي ئي طئي ڪرڻو آهي، پهريان به اهڙيون مقرريون ٿينديون رهيون آهن.
شير افضل مروت طرفان سلمان اڪرم راجا تي پارٽي قانونن جي ڀڃڪڙيءَ جي الزام تي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته هنن جي پارٽي جو آئين ئي پي ٽي آءِ باني آهي تنهنڪري اِهو پارٽي جو اندروني معاملو آهي.
حڪومت سان ڳالهين بابت پي ٽي آءِ چيئرمين ٻڌايو ته حڪومت ڪميٽي سان ٽئين ويهڪ ۽ لکت ۾ پنهنجا مطالبا حڪومت آڏو پيش ڪنداسين.
You might also like