اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سيڪريٽر جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ پارٽي اڳواڻ شير افضل مروت وچ ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي، ٻنهي اڳواڻن طرفان هڪٻئي تي تنقيد ڪئي وئي.
سلمان اڪرم راجا هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته شير افضل مروت روز اهڙو بيان ڏيندو آهي جنهن جو پارٽي سان ڪو تعلق ناهي هوندو.
هن چيو ته شير افضل مروت کي پارٽي پاليسي جو شعور ناهي، جڏهن ٽي وي چينل وارا سڏائيندا آهن ته کيس ڪجهه نه ڪجهه چوڻو پوندو آهي ۽ اهو چئي ڏيندو آهي.
ٻئي پاسي سلمان اڪرم جي بيان تي شير افضل مروت سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
شير افضل مروت سلمان اڪرم راجا جي پي ٽي آءِ سيڪريٽر جنرل جي چونڊ تي سوال اُٿاريندي چيو ته سلمان اڪرم راجا پارٽي آئين موجب سيڪريٽر جنرل نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن اسان پارٽي آئين جي لتاڙ ڪنداسين ته پوءِ پاڪستان جي آئين جي ڳالهه ڪيئن ڪنداسين؟
شير افضل مروت هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته سلمان اڪرم راجا هڪ سال اڳ پارٽي ۾ آيو ۽ هاڻي مون کي سمجهائي رهيو ، عمر ايوب جي استعيفيٰ کانپوءِ هاڻي ايڊشنل سيڪريٽر جنرل فردوس شميم نقوي پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جي هر نوٽيفڪيشن تي صحيح فردوس شميم نقوي جي هوندي آهي، هو 15 ڏينهن لاهور ۾ رهندو آهي، هڪ ڏينهن اسلام آباد ايندو آهي، صبح باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪري ان بابت کيس ٻڌائيندس.
You might also like