ٽيسٽ ٽيمن کي ٻن درجن ۾ ورهائڻ وارو فارملو لالچ تي ٻڌل آهي: اڳوڻا ڪرڪيٽر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر اسٽيون فن چيو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ٽو ٽيئر ”ٻن درجن“ ۾ ورهائڻ وارو منصوبو لالچ تي ٻڌل آهي ۽ ڪرڪيٽ جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجندو.
رپورٽن موجب، آءِ سي سي سربراهه جئه شاهه ۽ ٻين عالمي ڪرڪيٽ بورڊز سان ملاقات ۾ ٽيسٽ چيمپيئن شپ لاءِ نيون تجويزون پيش ڪندو، جنهن تحت ڪرڪيٽ ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو.
هن تجويز موجب، ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ، پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ سري لنڪا پهرين درجي ۾ جڏهن ته ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، افغانستان، زمبابوي ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون ٻئي درجي ۾ شامل هونديون.
ان ڏس ۾ اڳوڻي انگلش فاسٽ بالر اسٽيون فن چيو آهي ته ” مون کي هي نئون فارمولو بلڪل پسند نه آهي، مون کي نٿو لڳي ته اِهو راند لاءِ سٺي ثابت ٿيندو.“
هن چيو ته ” مون کي لڳي ٿو ته هي منصوبو لالچ تي ٻڌل آهي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جهڙي خالص راند کي تباهه ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به لحاظ کان درست نه آهي.“
اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان سر ڪلائيو لائيڊ ۽ ٻين نقادن هن منصوبي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر روي شاستري ان کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بقا لاءِ ضروري قرار ڏنو.
نقادن جو چوڻ آهي ته اهڙا منصوبا ڪرڪيٽ جي بنيادي اصولن خلاف آهن ۽ ننڍين ٽيمن کي سندن ترقي جا موقعا کسي ڇڏيندا.
ان کانسواءِ ڪجهه اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي مختصر ڪرڻ ۽ فرنچائز ليگ جي مقابلي ۾ وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ لاءِ تجويزون پڻ سامهون آيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.