لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغانستان خلاف ميچ کان اڳ، 150 کان وڌيڪ برطانوي سياستدانن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل ڪئي آهي ته هو عورتن جي حقن جي لتاڙ تي طالبان حڪومت خلاف سخت قدم کڻي ۽ افغانستان خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري.
برطانوي خابرو اداري موجب، انگلينڊ ۽ افغانستان جو ميچ 26 فيبروري تي لاهور ۾ شيڊيول آهي، پر سياستدانن جو مطالبو آهي ته اهو ميچ لاهور ۾ نه کيڏيو وڃي ۽ طالبان کي سخت پيغام ڏنو وڃي ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون برداشت نه ڪيون وينديون.
ليبر پارٽي جي رُڪن ٽونيا انٽونياٽزي جي لکيل خط تي ريفارم پارٽي جي اڳواڻ نائجل فراج ۽ ليبر پارٽي جي اڳوڻي سربراهه جيرمي ڪوربن سميت ڪيترن ئي سياستدانن جون صحيحون ٿيل آهن.
خط ۾ افغانستان خلاف ميچ کي رد ڪرڻ لاءِ مطالبو ڪيو ويو آهي.
افغانستان ۾ 2021ع ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عورتن تي راندين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي ۽ ڪيترن ئي عورت رانديگرياڻيون ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويون.
آءِ سي سي جي ضابطن موجب، بورڊ جي مستقل رڪنيت لاءِ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو هجڻ لازمي آهي، پر افغانستان تي ڪنهن به قسم جون پابنديون لاڳو نه ٿيون آهن.
برطانوي سياستدانن جي خط تي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رچرڊ گولڊ چيو آهي ته هو آءِ سي سي ۽ عالمي سطح تي اهڙا قدم کڻڻ لاءِ وڪالت ڪندا، جيڪي افغانستان ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن لاءِ مددگار ثابت ٿين.
رچرڊ گولڊ وڌيڪ چيو ته انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي پاليسي موجب، هو افغانستان سان ٻطرفي سيريز نه کيڏندا، پر هن آءِ سي سي جي ايونٽن ۾ افغانستان خلاف ميچن جي بائيڪاٽ بابت ڪو به تبصرو نه ڪيو.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ان معاملي تي برطانوي حڪومت ۽ ٻين عالمي بورڊن سان رابطو جاري رکندو.
ياد رهي ته آسٽريليا پهريان ئي طالبان جي پاليسين سبب افغانستان خلاف سيريز کي رد ڪري چڪو آهي، پر 2023ع ون ڊي ورلڊ ڪپ ۽ 2024ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان خلاف ميچ کيڏي چڪو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۽ دبئي ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ انگلينڊ ۽ افغانستان گروپ بي ۾ شامل آهن، جڏهن ته انگلينڊ جو افغانستان سان ميچ لاهور ۾ شيڊيول آهي.