پابندي ختم، پي آءِ اي جي ساڍن چئن ورهين کانپوءِ يورپ لاءِ اُڏام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قومي ايئر لائن جو يورپ لاءِ فلائيٽ آپريشن ساڍن چئن ورهين بعد بحال ٿي ويو.
قومي ايئر لائن جي اُڏام پي ڪي 749 پئرس لاءِ رواني ٿي وئي، پئرس وڃڻ واري قومي ايئر لائن جي اُڏام ۾ 323 مسافر سوار آهن، يورپ لاءِ قومي ايئر لائن جو فلائيٽ آپريشن ساڍا 4 سال بعد بحال ٿيو آهي.
ساڍن 4 سال بعد يورپ لاءِ آپريشن بحال ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو ته قومي ايئر لائين جا منافعي بخش روٽس بند ٿي ويا هئا، اسان چاهيون ٿا ته قومي ايئر لائين کي خانگايو وڃي.
هن چيو ته قومي ايئر لائين اسان جي سڃاڻپ آهي جنهن کان اسان کي محروم ڪيو ويو هو، پئرس وڃڻ واري قومي ايئر لائن جي اُڏام جي 100 سيڪڙو بڪنگ ٿي آهي.
دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته قومي ايئر لائين پاڪستانين جا مڙهه بنا ڪنهن چارجز جي مفت کڻي ايندي هئي پر فلائيٽ آپريشن بند ٿيڻ سبب سمنڊ پار پاڪستاني ان سهولت کان محروم ٿي ويا هئا.
هن چيو ته پوري يورپ لاءِ قومي ايئر لائين جون اڏامون بحال ٿي ويون آهن، يورپ جي هوائن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سبز هلالي جهنڊو لهرائڻ شروع ٿي ويو آهي.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته هڪ غير ذميوار بيان قومي ايئر لائين کي وڏو نقصان پهچايو، اهڙن غير ذميوار بيانن ڏيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.