اسلام آباد (نجم سيٺي) عمران خان پاران مطالبا لکي ڏيڻ وارو فيصلو سٺو آهي، گڏوگڏ هن ٻئي اڳواڻ وسيلي اهو به چورايو آهي ته ڪميٽي ٻڌائي ته ان وٽ اختيار آهن به يا نه. بيڪ چينل به هلي رهيو آهي جيڪو بشريٰ بي بي وسيلي معاملا اڳتي وڌي رهيا آهن. عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته جڊيشل ڪميشن به ٺاهيو سو هاڻي حڪومت ٿورو پوئتي هٽي آهي.عمران خان ٽاڪ ٽاڪ فائٽ فائٽ کيڏي رهيو آهي .هاڻي سرڪار وٽ اهو آپشن آهي ته اهڙي جڊيشل ڪميشن جوڙي جنهن کي عمران خان رد ڪري ڇڏي.ٻيو ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو آهي، سو ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪي ڪورٽ ۾ معاملا هلي رهيا آهن اهي ان طرف ويندا. ڪميٽي جي ملاقات عمران خان سان ڪرائي ويندي.ايگزيڪيوٽو آرڊر وسيلي ڪنهن کي آزاد نه ڪيو ويندو. جيل مينوئل کي معطل نه ڪيو ويندوعمران خان جلدي ڪو نتيجو چاهي ٿو.پر سرڪار جي ڪا دلچسپي ناهي جلدي ڪو معاملو ٿئي.هن وقت اسٽبلشمينٽ جي اها ڳالهه ناهي ته خان چپ ٿئي وغيره اهي سڀ تجزي نگارن جون ڳالهيون آهن. سرڪار ۽ اسٽيبلشمنٽ هڪ پيج تي آهن، معيشت مستحڪم ٿئي. ان سان ن ليگ کي به فائدو ٿيندو اسٽيبلشمينٽ سان خفيو رابطو ڪنهن شخصيت طرفان ٿي رهيو آهي.ٻئي پاسي طالبان افغانستان ۾ سول وار کان ڊڄن ٿا سندن رجيم ڪمزور ٿيندو. انهن جي ڪوشش آهي ته پاڪستاني طالبان خلاف کڙا نه ٿين.هتان وارن جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي. ۽ چين سان هنن جي ڪري اسان جا لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن . بلوچ ويڙهاڪ ۽ ٽي ٽي پي چيني پروجيڪٽس تي حملا ڪري رهيا آهن . ان جي ڪري پاڪستان کين سمجهائيندو رهيو آهي. هاڻي طالبان کي تڪليف پهتي آهي ۽ ڌمڪي ڏني ته اسان به اينداسين ۽ انڊيا ڏٺو ته اهو لوهه گرم آهي سو طالبان به ان جو فائدو ورتو.تاجڪستان پاڪستان ۽ افغانستان جي مسئلن ۾ ڦاسڻ نه ٿو چاهي،ڀارت افغان طالبان جي پاڪستان سان تلخين جو فائدو وٺي طالبان سان ويجهڙائي وڌائي ڇڏي آهي.