”ڇا فوجي آفيسر کي ايترو تجربو هوندو آ جو موت تائين سزا ٻڌائي ويندي آهي؟“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا فوجي آفيسر کي ايترو تجربو ۽ عبور هوندو آهي جو موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي؟
عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ رڳو فوج تي لاڳو ٿيندو آهي، فوجي آفيسرن کي بنيادي حق ۽ انصاف ملندو آهي يا نه اسان سڀني شين کي نظر ۾ رکنداسين.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته ان نڪتي به وضاحت ڪريو ته فوجي عدالتن ۾ فيصلو ڪير لکندو آهي؟ منهنجي ڄاڻ موجب ڪيس ڪو ٻيو ٻڌندو آهي ۽ سزا ۽ ڏنڊ جو فيصلو ڪمانڊنگ آفيسر ڪندو آهي، جنهن ڪيس ٻڌو ئي ناهي اُهو سزا هو فيصلو ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ جنهن تي وڪيل خواجا حارث جواب ڏنو ته فيصلو لکڻ لاءِ جيڪ برانچ جي مدد حاصل هوندي آهي.
جسٽس مسرت هلالي پڇا ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهڙو ٽرائل ٿيندو آهي ته جج ڪير هوندو آهي؟ ان موقعي تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورٽ مارشل ۾ آفيسر ئي ويهندا آهن جڏهن ته خواجا حارث جواب ڏنو ته ڪورٽ مارشل ۾ ويهندڙ آفيسرن کي ٽرائل جو تجربو هوندو آهي.
جسٽس مسرف هلالي چيو ته آرمي چيف جي جهاز کي ايئرپورٽ جون لائيٽون وسائي ملڪ ڇڏڻ جو چيو ويو، ان موقعي تي سمورن مسافرن جي زندگي خطري ۾ وڌي وئي، ان هڪ واقعي سبب ملڪ ۾ مارشل لڳي وئي پر پوءِ به ڪيس فوجي عدالت ۾ نه هليو.
جسٽس مندوخيل چيو مون کي 34 سال هن شعبي ۾ ٿي ويا آهن پر پوءِ به پاڻ کي مڪمل نه ٿو سمجهان، ڇا ان آرمي آفيسر کي ايترو تجربو ۽ عبور هوندو آهي جو موت تائين جي سزا ٻڌائي ويندي آهي، ان تي خواجا حارث چيو ته ملٽري ٽرائل جي طريقيڪار کي دليلن جي ٻئي حصي ۾ مڪمل بيان ڪندس.
ٻڌڻي جي آخر ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کي ٻڌايو ته نوَ مئي واقعن ۾ملوث ڪُل جوابدارن جو انگ اٽڪل 5 هزار آهي، فوجي عدالت منتقل ڪيل 105 جوابدارن جي واقعي واري هنڌ موجودگيءَ جا ثبوت مليا آهن.
ان کانپوءِ آئيني بئنچ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.