زندگيءَ ۾ ڪو به نشو ناهي ڪيو، نوجوان منشيات کان پاسو ڪري ٻين لاءِ رول ماڊل بڻجن: جان ابراهم

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو جان ابراهم انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ذاتي طور تي ڪڏهن به ڪو نشو ناهي ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جان ابراهم ڀارتي سرڪار طرفان ممبئيءَ ۾ڪوٺايل” منشيات جي خاتمي واري مهم“ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي،جتي هن شاگردن کي خطاب ڪندي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به منشيات کي هٿ نه لائڻ جو انڪشاف ڪيو.
تقرير دوران شاگردن کي نصيحت ڪندي ابراهم انڪشاف ڪيو ته ” مان اوهان کي اِهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ذاتي طور تي منشيات کي ڪڏهن به هٿ ناهي لاٿو، نه سگريٽ ڇڪيو نه ئي ڪڏهن شراب پيتو آهي.“
جان ابراهم شاگردن کي مشورو ڏنو ته منشيات کان پري رهي پنهنجي دوستن، ساٿين ۽ ڀرپاسي موجود ماڻهن لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي ڏيکاريو.
هن چيو ته هن وٽ اوهان کي ڊگهو ڀاشڻ ڏيڻ جو وقت ناهي پر هو رڳو ايترو چوڻ چاهي ٿو پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه هاڪاري حدون مقرر ڪيو ۽ انهن تي پابندي سان عمل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.