سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 78 هزار 300 رپيا ٿي وئي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1114 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 38 هزار 597 رپين جو ٿي ويو.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالر واڌ سان 2665 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.