اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينيٽر کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان وڏو رليف ملي ويو.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽر سيف الله ابڙو جي نااهلي بابت ريفرنس تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ريفرنس کي خارج ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سينيٽر سيف الله ابڙو ٽيڪنوڪريٽ جي اهليت تي پورو ٿو لهي.
ڪميشن سينيٽ چيئرمين ذريعي پ پ سينيٽر شهادت اعواڻ جي ريفرنس کي رد ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو خلاف ريفرنس ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن 7 جنوري تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
سيف الله ابڙو سنڌ مان 2021 ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو هو.
Prev Post
You might also like