لاهور قلندرز عاقب جاويد جي جاءِ تي نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز انگلينڊ جي ليجنڊري فاسٽ بالر ڊيرن گف کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
لاهور قلندرز لاءِ انگلينڊ جي ليجنڊري فاسٽ بالر ڊيرن گف کي هيڊ ڪوچ طور خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن، ۽ ڊيرن گف هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هو ان کان اڳ گلوبل سپر ليگ 2024ع جي پهرئين ايڊيشن ۾ لاهور قلندرز لاءِ هيڊ ڪوچ طور ڪم ڪري چڪو آهي.
گلوبل سپر ليگ دوران لاهور قلندرز جي ٽيم سندس نگراني ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽورنامنٽ جي افتتاحي ايڊيشن ۾ فائنل لاءِ ڪواليائفاءِ ڪيو هو.
ڊيرن گف راند جي ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ڪيئي ڪارناما انجام ڏئي چڪو آهي، هن 1994ع کان 2006ع تائين انگلينڊ جي نمائندگي ڪئي.
هن 2020ع ۾ انگلينڊ جي بالنگ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ يارڪشائر ۾ ڪرڪيٽ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو.
ڊيرن گف جو چوڻ آهي ته هو لاهور قلندرز سان ٻيهر ڪم ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش ۽ پرجوش آهي، ٽيم جو
هن چيو ته پي ايس ايل هڪ زبردست پليٽفارم آهي جنهن ۾ قلندرز جهڙي شاندار ٽيم موجود آهي ۽ هو قلندرز کي هن سيزن ۾ ڪاميابي جي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ تيار آهي.
ياد رهي ته لاهور قلندرز جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ذميواريون ملڻ سبب لاهور قلندرز جي ڪوچنگ کان الڳ ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.