ڪپل نه جاني، ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ڪاميڊين جو نالو سامهون اچي ويو
ڀارتي فلم انڊسٽريءَ سان واڳيل ڪاميڊيءَ جي دنيا جي امير ترين ستاري جو نالو سامهون آيو آهي۽ اِهو نالو ڪپل شرما، سنيل گرور يا جوني ليور جو نه پر مشهور اداڪار برهمنندم جو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پهرين جنوري 1956ع تي ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي پالم نالي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ برهمننم جي اثاثن جو ڪاٿو چار سئو نوي ڪروڙ ڄاڻايو آهي.
ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري ڪاميڊي جي سڃاڻپ بڻجندڙ برهمنندم پنهنجي 35 سالن جي ڪيريئر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فلمن ڪم ڪيو آهي.
سندس آمدني جو گهڻوحصو فلمن، برانڊ جي مشهوري ۽ ٻين ڪاروباري منصوبن مان اچي ٿو، جنهن ذريعي هو ساليانو ٻه ڪروڙ رپيا ڪمائي ٿو.
برهمنندم کي سئنما ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ پدم شري جهڙي اعليٰ شهري اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
ان کانسواءِ هو سڀ کان وڌيڪ ڪريڊٽ حاصل ڪندڙ حيات اداڪار طور عالمي رڪارڊ پڻ قائم ڪري چڪو آهي.
You might also like