ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ماورا حسين نئين سال جي موقعي تي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو ميسيج ڏسي سگهجي ٿو.
ان ميسيج ۾ ظاهري طور تي ڪرسٽيانو رونالڊو طرفان نئين سال جي آمد جون مبارڪون ڏنيون ويون آهن.
ماورا اسڪرين شاٽ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته Year is made،.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماورا فٽبالر کي ٽيگ به ڪيو آهي.
ماورا حسين طرفان اهو چوڻ ته رونالڊو کيس مبارڪباد ڏني آهي ڪنهن حد تائين درست آهي پر ان پيغام ۾ فٽبالر طرفان اداڪارا کي مخاطب ناهي ڪيو ويو.
هوڏانهن سوشل ميڊيا واهپيدارن ردعمل ڏيندي چيو ته اهو پيغام خاص اداڪارا لاءِ نه هو پر ڪرسٽيانو روانلڊو جو انسٽاگرام براڊ ڪاسٽ چينل سبسڪرائب ڪندڙ هر هڪ واهپيدار لاءِ هو.
هڪ واهپيدار لکيو ته حقيقت ۾ اهو رونالڊو جي براڊ ڪاسٽ چينل جو ميسيج آهي ۽ اهو مون کي به وصول ٿيو آهي، ماورا رڳو شو آف ڪري رهي آهي.
هڪ ٻئي واهپيدار ردعمل ڏنو ته هاڻ ملڪ جو قرض لهي ويندو، سڀ خوش ٿي وڃو.
You might also like