” ڇوڪريءَ وڏو ڪم ڪري ڇڏيو“ يوٽيوبر مسٽر بيسٽ جو ٿِيا سان مڱڻو

دنيا جي نمبر هڪ يوٽيوبر ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر جمي ڊونلڊسن عرف مسٽر بيسٽ مڱڻو ڪري ڇڏيو.
مسٽر بيسٽ پهرين جنوري تي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن سان اِها خوشخبري شيئر ڪندي هڪ پوسٽ ڪئي جنهن ۾هو پنهنجي مڱيندي کي مُنڊي پيش ڪري رهيو آهي.
جڳ مشهور يوٽيوبر جي اِها پوسٽ ترت وائرل ٿي وئي ۽ مداحن طرفان مبارڪن جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو.
يوٽيوبر ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي مڱڻي جو تصويرون ۽ وڊيوز پڻ شيئر ڪيا جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا.
انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل تصويرن جي ڪيپشن ۾ مسٽر بيسٽ لکيو آهي ته ” ڇوڪريءَ وڏو ڪم ڪري ڇڏيو“ تصوير ۾ هو پنهنجي مڱيندي ٿِيا کي مُنڊي پيش ڪرڻ لاءِ گوڏن ڀر ويٺل نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.