آسٽريليا خلاف آخري ٽيسٽ، روهت شرما کي نه کيڏائڻ جو فيصلو

سڊني(ويب ڊيسڪ ) ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي ۾ ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ ڪپتان روهت شرما کي آسٽريليا خلاف سيريز جي آخري ميچ ۾ نه کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بارڊر-گواسڪر ٽرافي جي پنجين ۽ آخري ميچ ڪپتان روهت شرما کي آرام ڏنو ويندو جڏهن ته ٽيم جي قيادت فاسٽ بالر جسپريت کي سونپي ويندي.
ٽيم جي مسلسل ناڪامين ۽ خراب بيٽنگ ڪارڪردگي سبب روهت شرما تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو دٻاءُ به وڌندو پيو وڃي.
ٻن ميچن جي شڪست، شُڀمَن گِل کي ڊراپ ۽ بيٽنگ آرڊر ۾ ڦير ڦار واري معاملي تي روهت شرما جي ٽيم انتظاميا سان اختلافن جو خبرون به سامهون آيون آهن.
جيڪڏهن خبرون سچ ثابت ٿيون تي آسٽريليا خلاف آخري ميچ ۾ ڀارتي
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ آخري ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان سڊني ۾ شروع ٿي رهي آهي، آسٽريليا کي پنجن ميچن جي سيريز ٻه هڪ جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.