گهڻي دير تائين ويهي ڪم ڪندڙن لاءِ بُري خبر

تازي تحقيق سان خبر پئي آهي ته گهڻي دير تائين ويهي ڪم ڪندڙ ماڻهو ورزش ڪرڻ باوجود دل جي مرضن جهڙين سنگين بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
هڪ طبي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن 90 هزار رضاڪارن تي تحقيق ڪئي، جيڪي تقريبن روز ساڍا 10 ڪلاڪن تائين ويهي ڪم ڪندا هئا.
ماهرن ٻڌايو ته گهڻي دير تائين ويهي ڪم ڪندڙ ماڻهو توڙي جو ورزش به ڪندا رهندا آهن يا جسماني طور متحرڪ به رهندا آهن پر ان باوجود کين ڪو فائدو نه ٿيو.
ماهرن ڏٺو ته ساڍا 10 ڪلاڪن تائين ويهي ڪم ڪرڻ کانپوءِ ورزش يا جسماني طور متحرڪ رهڻ جو ڪو فائدو ناهي، تنهن ڪري ويهڻ جي دورانيي کي گهٽ ڪرڻ گهرجي.
ماهرن چيو ته ماضي ۾ به ڪئي ويندڙ تحقيقن کي گهڻي دير تائين ويهڻ کي دل جي مرضن، اڌ رنگ سميت شگر جهڙين بيمارين سان جوڙي سگهجي ٿو، تنهن ڪري گهڻي دير ويهڻ سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.