”بدقسمي آهي جو پاڪستاني پرستار فيورٽ ڀارتي ڪرڪيٽرز کي پنهنجي ملڪ ۾ نه ڏسي سگهندا“

سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن ڀارت طرفان چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ پاڪستان جي دوري کان انڪار کي بدقسمتي قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي سڊني ٽور دوران ڳالهائيندي شين واٽسن چيو ته اِها بدقسمتي آهي جو ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستان ناهي وڃي رهي.
هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جو پاڪستان ۾ٿيڻ پاڪستاني قوم لاءِ هڪ خاص لمحو آهي، ڪرڪيٽ پرستارن لاءِ به اِها بدقسمتي آهي جو هو پسنديدا ڀارتي ڪرڪيٽرز کي پنهنجي گرائونڊز تي کيڏندي نه ڏسي سگهندا.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪ-ڀارت ميچ هر ڪو ڏسڻ چاهي ٿو، جڏهن ٻنهي ٽيمن جو مقابلو ٿيندو آهي اِهو سموري دنيا ۾ ڏٺو ويندو آهي.
هن چيو ته آسٽريلوي ڪرڪيٽر طور هو ڄاڻي ٿو ته انگلينڊ هنن لاءِ ڪيڏو وڏو حريف آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ٽاڪرو به ائين ئي آهي، ڪرڪيٽ شوقين ان ميچ جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن.
شين واٽس اِهو به چيو ته هن 2019ع ۾ پاڪستان ۾ پي ايس ايل جون ميچون کيڏيون، پاڪستان وڃڻ ۽ وري اتي کيڏڻ سندس لاءِ هڪ خاص ڳالهه هئي، پاڪستاني شوقين سڌي ريت ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽ ڏسڻ کان محروم رهيا آهن.
واٽس وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي ايونٽ جو پاڪستان ۾ٿيڻ اتان جي ماڻهن لاءِ اهم آهي، شوقينن پنهنجي اکين جي آڏو دنيا جي وڏن ستارن کي ايڪشن ۾ ڏسي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.