سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن واڌ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1100 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 74 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 943 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 35 هزار 511 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 11 ڊالر واڌ سان 2635 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.