يورپي ملڪ ۾ فائرنگ جا واقعا، 10 ڄڻا مارجي ويا

پوڊگوريڪا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ اوڀر يورپ جي ملڪ مونٽي نيگرو ۾ ريسٽورنٽ سميت مختلف هنڌن تي فائرنگ جي واقعن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب هٿياربند شخص ريسٽورنٽ ۾ فائرنگ ڪري 7 ڄڻن کي ماري ڇڏيو، جن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حملي آور جو ريسٽورنٽ ۾ ڪنهن سان جهيڙو ٿيو هو، واقعي کانپوءِ هو هٿيار اڇلائي فرار ٿي ويو.
هوڏانهن فائرنگ جي هڪ ٻئي واقعي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، واقعي کانپوءِ آور پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.