اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برسات وسائڻ وارو اولهه سسٽم اڄ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سيءُ وڌي ويندو.
موسميات کاتي موجب اهو اولهه سسٽم اڄ بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 4 جنوري کان برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر ۽ اولهه بلوچستان، خيبر پختونخواهه جي مٿين علائقن، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سسٽم جو ڪراچي تي به اثر پوندو ۽ 4 جنوري کان شهر ۾ سيءُ وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پارو سنگل ڊجيٽ ۾ رهي سگهي ٿو.
You might also like