اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 9 مئي سانحي جي 19 جوابدارن جون سزائون معاف ڪرڻ جي اعلان تي تحريڪ انصاف جو ردعمل اچي ويو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر 9 مئي سانحي جي 19 جوابدارن جون سزائون معاف ڪرڻ جي اعلان تي ردعمل ڏيندي چيو ته اها وڏي اڳڀرائي ناهي، بنيادي طور تي 67 ماڻهو هئا، 19 کي معافي ملي، جڏهن ته 48 اپيلون فائل ڪيون آهن.
هن چيو ته تحريڪ انصاف ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل جي حق ۾ ناهي، ڪنهن به سويلين جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ نٿو ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ ان حوالي سان طئي ڪري چڪي آهي.
You might also like