ممبئي (ويب ڊيسڪ) ورون ڌون جي نئين ايڪشن فلم ”بي بي جان“ شوقينن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 100 ڪروڙ رپين جي رڪارڊ خساري ۾ هلي وئي.
بي بي جان جو اصل ٽڪر باڪس آفيس تي ”پشپا 2، مفاسا، ميڪس، مارڪو، وانوانس“ جهڙين فلمن سان ٿيو ۽ 160 ڪروڙ رپين جي بجيٽ واري ان فلم رڳو 20 سيڪڙو ڪمائي ڪئي آهي.
فلم بي بي جان مجموعي طور تي سڄي دنيا ۾ 41.1 ڪروڙ رپين جي ڪمائي ڪئي آهي، اها هن وقت تائين ورون ڌون جي ڪيريئر ۾ سڀ کان گهٽ ڪمائي ڪندڙ فلم آهي.
اها فلم 160 ڪروڙ رپين جي بجيٽ تي ٺاهي وئي آهي ۽ اڳڪٿين موجب ان جي لائف ٽائم ڪليڪشن 60 ڪروڙ رپين تائين ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like