هڪ ٻئي يورپي ملڪ ۾ برقعو پائڻ تي پابندي، ڀڃڪڙي تي لکين رپيا ڏنڊ

برن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ڇهه ملڪن کانپوءِ اهڙو ستون يورپي ملڪ آهي، جنهن مسلمان عورتن جي حجاب ۽ برقعي پائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.
سوئٽزرلينڊ ۾ عورتن لاءِ عوامي هنڌن تي برقعي ۽ حجاب تي پابندي لاڳو ٿي چڪي آهي ۽ قانون جي ڀڇڪڙي تي 1000 سوئس فرانڪ (3 لک پاڪستاني رپيا) تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
ان حوالي سان سوئٽزرلينڊ جي فيڊرل ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته پابندي لاڳو ٿي وئي آهي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن تي 1000 سوئس فرانڪ تائين لاڳو ڪيو ويندو.
ياد رهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ حجاب تي پابندي لاءِ 2021 ۾ ريفرنڊ ٿيو هو، جنهن تي مسلم تنظيمن تنقيد ڪئي هئي.
ان قانون جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سوئٽزرلينڊ ستون يورپي ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي عوامي هنڌن تي عورتن جي حجاب يا برقعي پائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ان کان پهريان بيلجيم، فرانس، ڊينمارڪ، آسٽريا، نيدرلينڊز ۽ بلغاريا ۾ پڻ اهڙا ئي قانون ٺاهيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.