ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته ٽيم ويجهي عرصي ۾ سٺيون ڪاميابيون ماڻيون آهن پر اهي هاڻ ماضي بڻجي ويون، اسان کي اڳتي وڌڻو آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي سيريز اسان لاءِ سٺي رهي، گذريل سال اسان جي ٽيم ڏکيائين مان نڪتي ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري.
هن چيو ته ڪاميابيون ماضي جو قصو بڻجي ويون، اسان جا جيڪي ايندڙ ايونٽ آهن، انهن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
You might also like