اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ گذريل پنجن سالن دوران ٻارن تي جنسي زيادتي جا 5398 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ هر روز اٽڪل ٽي ٻار ريپ جو شڪار ٿين ٿا، سماجي تنظيم ايس ايس ڊي او جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد ڪوثر عباس جو چوڻ آهي ته ٻارن تي جنسي زيادتي جا هي اهي ڪيس آهن جيڪي رپورٽ ٿيا آهن ۽ هزارين اهڙا به هوندا جيڪي رپورٽ نه ٿيا آهن، ڪوثر عباس چيو ته اها بدقسمتي آهي ته حڪومت وٽ ٻارن سان زيادتي واقعن کي روڪڻ لاءِ اڃا تائين ڪو نيشنل ايڪشن پلان ناهي، چائلڊ رائيٽس بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته ڪيسن جي نگراني ۽ سبب ڄاڻن لاءِ هڪ مرڪزي نيشنل ڊيٽابيس جو قيام ضروري آهي.