اسلام آباد(م ڊ) يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن خلاف ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي، آفيسرن سميت 35 اهڪار نوڪري تان برطرف ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي ترجمان موجب ڊي جي ايف آءِ اي ٻيڙي حادثن ۾ ملوث 49 اهلڪارن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪندي 35 اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو، ايف آءِ اي ترجمان چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ايف آءِ اي جي 13 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ٻيڙي حادثن ۾ ملوث 4 انسپيڪٽر، 10 سب انسپيڪٽر، 2 اي ايس آءِ کي برطرف ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ايف آءِ اي جا 5 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 14 ڪانسٽيبل برطرف ڪيا ويا، ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير چيو ته غفلت ۾ ملوث اهلڪارن لاءِ اداري ۾ ڪا به جاءِ ناهي، اهڙن آفيسرن خلاف انضباطي ڪارروائي ڪئي ويندي، اداري کي ڪرپشن ۽ ٻين بي ضابطگين ۾ ملوث ڪارين رڍن کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ خود احتسابي جي عمل سان ئي انساني اسمگلنگ جو خاتمو ممڪن ٿيندو.