حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته 2024 ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاءِ بيڊ گورننس جي ڪري بدتر رھيو. اقتداري مفادن خاطر سنڌ جا وسيلا داءُ تي لڳايا ويا.اتر سنڌ جا ضلعا ڌاڙيل راڄ جي ڪري جھنم بنايا ويا. نياڻيون ۽ معصوم ٻار اغوا ڪري قتل ڪيا ويا. سنڌو درياھ تي قاتل منصوبا مڙھڻ جي رٿا جوڙي وئي. سنڌي ماڻھو پنھنجي قومي ۽ انساني حقن لاءِ سڄو سال جدوجھد جي ميدان تي رھيا ۽ حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا رھيا. نئين سال کي قومي ۽ انساني حقن جي جدوجھد جو سال ڪري ملھايو ويندو. هن چيو ته ڇا به ٿي پوي سنڌو درياھ تي قاتل منصوبا قبول نه ڪيا ويندا. سنڌو درياھ ڪارونجھر، لکين ايڪڙ زمين، ٻيٽن، ميرٽ لاءِ سڄي سنڌ کي جاڳائي جدوجھد ڪئي ويندي.اياز لطيف پليجي چيو ته جدوجھد کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو به رستو ناھي. نوجوان تعليم تي ڌيان ڏين. ميرٽ سان مقابلو ڪن. اعلي تعليم ۽ روزگار لاءِ ٻين ملڪن ڏانھن وڃن،هن چيو ته اسڪالرشپس حاصل ڪن. نوڪرين لاءِ ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران ھنرمند ٿين. پنھنجو روزگار قائم ڪن. ٻين ملڪن ڏانھن روزگار لاءِ وڃن. ڪاميابيون مقابلا ڪرڻ وارن جا قدم چمنديون آھن. ايندڙ وقت اڃا وڌيڪ مشڪل وارو ٿي سگھي ٿو. انڪري سنڌ جا ماڻھو ڳوٺن مان نڪري وڏن شھرن ۾ اچن. ڪراچي اچن. روزگار ڪن. ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪن. قومي حقن جي جدوجھد کان لاتعلق ٿيڻ بدران ان ۾ شامل ٿين.