خوراڪ،پائڻ لاءِ جوتا ۽ رهڻ لاءِ گهر\غزا جي ٻارن جون خواهشون

غزا(م ڊ)هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي کان بدترين اسرائيلي جارحيت جو شڪار ٿيندڙ غزا جي ٻارڙن به نئين سال جي لاءِ ڪجهه  معصوم خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ غزا جا ڪجهه ٻار پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري رهيا آهن.وڊيو ۾ نظر ايندڙ هڪ ٻار پنهنجي خيمي جي ٻاهران ويٺل پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري رهيو آهي ته نئين سال ۾ کيس وڌيڪ خيمن ۾ نه رهڻو پوي ۽ واپس پنهنجي گهر وڃڻو پوي، هٿ ۾ کاڌي جو خالي ٿانو کڻي هڪ ٻار پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته کيس نئين سال ۾ خوراڪ لاءِ فلاحي ادارن پاران فراهم ڪيل کاڌ خوراڪ تي ڀروسو نه ڪرڻو پوي،برسات کان بچڻ لاءِ ڇٽيءَ هٿ ۾ کڻي اگهاڙين پيرين  بيٺل هڪ نينگري  خواهش جو اظهار ڪيو ته نئين سال ۾ کيس پائڻ لاءِ جوتا ملي وڃن،پنهنجي خيمي ۾ بيٺل هڪ فلسطيني پناهگير چيو ته هن کي اسڪول ۾ پڙهڻ سٺو لڳندو آهي۽ هن جي خواهش آهي ته هو نئين سال ۾ اسڪول واپس وڃي،هڪ فلسطيني ڇوڪريءَ پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته نئين سال ۾ کيس پاڻي سان ڪين ڀرڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ پاڻي جي فراهمي جو نظام معمول مطابق ڪم جاري رکي،غزا مان هڪ ٻار پڻ اها خواهش ظاهر ڪئي ته جنگ ختم ٿي وڃي ۽ سندس دوست جيڪي ڏکڻ غزه ڏانهن لڏي ويا هئا اهي واپس اتر غزا ڏانهن اچي وڃن.خيمي ۾ ترسيل هڪ ڇوڪري پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته هن جو پيءُ جيڪو جنگ ۾ شهيد ٿيو هو، اهو واپس اچي وڃي، سڀ کان وڌيڪ، هڪ فلسطيني ڇوڪري نئين سال ۾ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي خواهش جو اظهار ڪيو،خيمي ٻاهران بيٺل ٽن ٻارن غزا ۾ ڪجهه ڏينهن کان هلندڙ برسات ختم ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته سندن خيمو پاڻي ۾ نه ٻڏي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.