حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل پريس ۾ چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ڏينداسين جا اعلان ڪندڙ پيپلز پارٽي ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي رهي آهي. صدر زرداري ڇهه نون ڪئنالن جو ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي قائد اعظم جي جمهوري پاڪستان تي حملو ڪيو آهي. قائد اعظم محمد علي جناح صوبائي خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانگريس کان رستا ڌار ڪيا، موجوده حڪمران قائد اعظم جي صوبائي خودمختياري بدران ڪانگريس جي مرڪز پرست اصولن تي هلي رهيا آهن. بلاول شھباز اتحادي سرڪار ايس آئي ايف سي جو ادارو جوڙي ارڙهين آئيني ترميم جو قتل ڪيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڊيلٽا کي گهربل پاڻي نٿو ملي، جنهن ڪري تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن، ماحولياتي مسئلا پيدا ٿي ويا آهن، پلو مڇي سميت مڇين ۽ ٻي سموري آبي جيوت جا ڪيترائي نسل خطري ۾ آهن، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ پيپلز پارٽي آئيني فورمن تي هڪ لفظ به نٿي ڳالهائي، هنن چيو ته ڊيلٽا جي تباهي ملڪ جي معيشت جي تباهي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار کي سنڌ دشمن منصوبن تان دستبردار ٿيڻو پوندو،