ذاتي تڪرار کي مذهبي رنگ نه ڏنو ويندو، دهشت گردن کي پناهه نه ملندي\ڪرم ۾ امن ٺاهه ٿي ويو

ڪوهاٽ (م ڊ) ڪرم جي معاملي تي ڪوهاٽ گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ڪوهاٽ  ۾ ڪرم ضلعي جي صورتحال تي جاري گرينڊ جرڳو ختم ٿي ويو ۽ ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون. جرڳي جي رڪن ملڪ ثواب خان تصديق ڪئي ته امن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن، ڌرين طرفان 45-45 ماڻهن صحيحون ڪيون آهن. ڌريون 14 نڪتن تي ٻڌل معاهدي تي متفق ٿي ويون آهن، معاهدي تحت ڌرين ۾ جنگبندي جو فيصلو ٿيو آهي، ڌريون مورچا ختم ۽ هٿيار جمع ڪرائينديون. معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري روڊ تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي صورت ۾ علائقي واسي ڪُرم رواج ۽ قانون موجب پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندا. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو يا ماڻهن ڪنهن شرپسند کي پناهه ڏني يا ترسايو ۽ مدد ڪئي ته اهڙي ماڻهو يا ماڻهن کي رواج ۽ قانون موجب ڏوهاري سمجهيو ويندو. مري معاهدي جي روشنيءَ ۾ ڪُرم جي علائقي مان بي دخل ٿيل خاندانن کي سندن علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو ويندو ۽ سندن آبادڪاري ۾ ڪا به رنڊڪ پيدا نه ڪئي ويندي.هٿيارن جي آزاداڻي نمائش ۽ استعمال تي مڪمل پابندي هوندي ۽ هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ڌرين کي صوبائي ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ هٿيارن بابت ٻن هفتن اندر لائحه عمل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪو به ماڻهو جهيڙي کي مذهبي رنگ نه ڏيندو، فرقيواري نفرت جي بنياد تي قائم ڪالعدم تنظيمن کي ڪم ڪرڻ يا آفيس کولڻ جي اجازت نه هوندي. سڀئي سرڪاري آفيسر، استاد، عدالتي آفيسر ۽ ٻين ادارن جا ملازم بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا، علائقي واسي پشتون روايتن موجب هڪ مهمان جي حيثيت سان سندن جو تحفظ يقيني بڻائيندا. پوليس يا رياستي ادارن پاران ڪنهن دهشتگرديءَ ۾ ملوث شخص جي گرفتاريءَ جي صورت ۾ قبيلي جا صلاحڪار يا فرقي جا فرد ان ۾ رنڊڪ نه وجهندا.  نون بنڪرز جي اڏاوت تي پابندي لڳائي ويندي ۽ موجوده بنڪرز کي هڪ مهيني اندر ڊاهيو ويندو. بنڪرز کي ختم ڪرڻ کانپوءِ جيڪا پارٽي وڙهندي ان کي دهشتگرد قرار ڏنو ويندو. جيڪڏهن مقامي اڳواڻ پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ جي قابل نه هوندا ته ڪرم گرانڊ امان جرگهو فيصلو ڪندو. ڌرين وچ ۾ جنگبندي مستقل ٿيندي، پارٽيون وڏا هٿيار حڪومت کي جمع ڪرائينديون.

  1. ايم ڊبليو ايم پاران ملڪ گير ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) مجلس وحدت مسلمين جي سربراهه علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته جيڪڏهن ڪُرم جو رستو کوليو  ويو ته ڌرڻو به ختم ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت هن وقت تائين تعاون ناهي ڪيو.  پاراچنار روڊ جي بندش صوبائي حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ذميوار آهي. اميد آهي ته معاهدي تي عمل ٿيندو، ۽ هاڻي هر ڪو امن چاهي ٿو.  علامه راجا ناصر عباس چيو ته جڏهن قافلي تي حملو ٿيو ته اهلسنت اسان جي 35 ماڻهن جون جانيون بچائي پناهه ڏني ٻئي پاسي علامه راجا ناصر عباس سڄي ملڪ ۾ ايم ڊبليو ايم جا ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بال هاڻي حۡڪومت جي ڪورٽ ۾ اهي

  1. ڪراچي جا روڊ يرغمال بڻائڻ نٿا ڏئي سگهون:ضيا لنجار

ڪراچي (رپورٽر  سنڌ جي  گهرو وزير ضيا لنجار چيو آهي  ته پاراچنار ۾ حالتون خراب ھجڻ جو مطلب ناھي ته  ڪراچي بند ڪئي  وڃي. ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو به سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته پارا چنار جي صورتحال خراب آهي، اسان پاڻ چاهيون ٿا ته اتي صورتحال بهتر ٿئي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ھڪ پرامن شھر ڪراچي جون حالتون خراب ڪيون وڃن، روڊ رستا بند ڪيا وڃن، عوام ۽ پوليس کي نقصان پھچايو وڃي، اسان  ڏکايل عوام سان گڏ بيٺا آهيون پر ان جو حل ڪراچي بند ڪرڻ ناهي. هن چيو ته ٽن ڏينهن کان احتجاج ڪيو پيو وڃي، اسان وقت بوقت ملاقاتون ڪيون، ۽ ان احتجاجن جي لاءِ ٻيون جڳھن جي پيشڪيش ڪئي ليڪن ڌرڻي وارن ڪمشنر ڪراچي،صوبائي  وزير سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب جون آڇون رد ڪيون ويون، جنھن تي اسان تي ڇتي تنقيد ٿي  رھي آهي جنهن ڪري مجبورن اسان کي روڊ رستا کولرائڻا پيا. ھن چيو ته احتجاج ڪندڙ چون ٿا ته اسان پرامن آهيون، جيڪڏهن پرامن آهيون ته 8 شهرين جي موٽرسائيڪلن کي ساڙيو ڇو؟ هي پرامن احتجاج نه آهي، اسان جا 8 پوليس اهلڪار زخمي آهن، جن مان ٽي ڄڻا سخت زخمي آهن، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪندو ته پوءِ اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ امن امان بحال ڪرڻو پوندو. ھن سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪي ماڻهو ڌرڻو ھڻي رھيا آهن اھي ڪي پي ڪي جي حڪومت ۾ شامل آهن. ضياءُ الحسن لنجار هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرين ۽ عالمن کي آڇ ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به مڪتب فڪر جو ماڻهو ڌرڻو هڻڻ چاهي ته اسان توهان کي جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومت توهان سان گڏ بيٺل آهي. اهڙو ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو ته صدر، شاهراهه فيصل، ملير، انچولي بند ٿي ويندا ۽ علائقا جنگ جو ميدان بڻجي وڃن، روڊن جي بندش ۽ احتجاجي ڌرڻن سبب عام شهري، ڪاروباري ۽ اڏامون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ مريضن کي اسپتال پهچڻ ۾ به ڏکيائيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاراچنار ۾ ٿيل ظلمن جي سخت مذمت ڪري ٿي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کي صلاح ڏئي ٿي ته مسئلي کي بين المذهبي هم آهنگي جي قدمن تحت حل ڪري ۽ اتان جي حالتن کي بهتر بڻائي.. هن ٻڌايو ته صوبي جا وزير ۽ ميئر ڪراچي سميت هڪ وفد مظاهرين سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ ملاقاتون ڪري رهيا آهن، پر اڃا تائين روڊن ۽ شاهراهن تي ٽريفڪ جي روانگي کي يقيني بڻائڻ يا احتجاج ختم ڪرڻ بابت ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي آهي. گھرو وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت مظاهرين ۽ انهن ۾ شامل نوجوانن ۽ ٻين عمائدين سان رابطي ۾ آهي ۽ قانون جي عملداري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ، پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪندڙن جي اڻ ڌري جانچ پڻ ڪئي پئي وڃي ته اهي ڪهڙن گروهن سان لاڳاپيل آهن. احتجاج دوران 9 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جن ۾ هڪ آفيسر به شامل آهي. هن چيو ته مظاهرين سوچ ويچار سان حالتن کي نظر ۾ رکن ۽ احتجاج ختم ڪري قانون جي عملداري ۾ پوليس جو ساٿ ڏين. اسان اوهان جي ڏک کي سمجهون ٿا ۽ هن مشڪل وقت ۾ اوهان سان گڏ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ پرامن شهرين جي سک ۽ آزادي کي نقصان پهچائڻ نه ڏيندي ۽ اهڙن عملن ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻائيندي. گھرو وزير سنڌ ميڊيا جي ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرين کي پرامن احتجاج لاءِ الڳ ۽ محفوظ جاءِ جي آڇ ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته مظاهرين ان آڇ کي سنجيدگي سان وٺندا ۽ قانون جي عملداري قائم ڪرڻ ۽ شهرين کي آساني ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ پوليس سان سهڪار ڪندا.

  1. ڪراچي ۾ ڌرڻن سبب ٽريفڪ جام رهي

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ حڪومتي ڪارروائين باوجود مذهبي ڌرين جا ڌرڻا جاري رهيا، . سنڌ حڪومت ڌرڻا هڻندڙن کي آخري مهلت ڏني آهي. ڪراچي جي 12 هنڌن  تي مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) ۽ اهل سنت والجماعت جا ڌرڻا جاري رهيا.   مجلس وحدت المسلمين 4 هنڌن تي ۽ اهل سنت والجماعت 8 هنڌن تي ڌرڻا ڏئي رهي آهي. سنڌ حڪومت ڌرڻا هڻندڙن کي آخري مهلت ڏني آهي. اڱاري ڏينهن ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ شهر ۾ آپريشن باوجود پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. مجلس وحدت مسلمين پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ علامه سيد حسن ظفر نقوي ڌمڪي ڏني آهي ته هي ڌرڻو جاري رهندو، جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوندو، انهن هنڌن تي ئي دھرنا ڏنا ويندا، جتي ڌرڻا ختم ٿيا. نمائش چورنگي تي ايم ڊبيلو ايم جو مرڪزي ڌرڻو جاري آهي، ابو الحسن اصفهاني روڊ ۽ عباس ٽائون روڊ به بند آهي. ڪامران چورنگي کان موسميات ۽ واٽر پمپ کان انچولي روڊ تي به ڌرڻو هنيو پيو وڃي.  جڏهن ته اهل سنت والجماعت  گلبائي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڌرڻو هنيو آهي. گلبائي پراچا چوڪ ۽ اورنگي ٽائون کان بنارس تائين هاءِ وي کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. لسبيلا چوڪ، ناگن چورنگي، شيرشاهه چوڪ، ٽاور، جيلاني سينٽر، فريسڪو چوڪ، قيوم آباد، ڪورنگي نمبر 5 ۽ قائد آباد تي به ڌرڻو جاري آهي. نمائش چورنگي تي مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙي جو ڪيس سولجر بازار ٿاڻي ۾ حڪومت جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾  ساڍا ٽي سئو اڻڄاتل مردن ۽ عورتن، جن ۾ 5 نامزد عالم به شامل آهن. ان ڪيس ۾ پوليس تي حملن، ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي جون دفعات شامل ڪيون ويون آهن. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته مظاهرين جي فائرنگ، پٿراءُ ۽ لٺبازي سبب 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، مظاهرين 4 موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، پوليس ڪارروائي دوران فساد ۾ ملوث 19 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

  1. امن معاهدو پائيدار حل ۾ اهم اڳڀرائي آهي: گنڊاپور

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڪرم امن معاهدي ۾ مقامي عمائدين، پارٽين، جرڳي، ڪابينا ميمبر، لاڳاپيل سول ۽ فوجي اختياريون ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي ٿورائتوآهيان، معاهدي سان ڪرم تائين زميني رستو کولڻ جي راهه هموار ٿيندي،

معاهدو ڌرين ۾ نفرتون پکيڙيندڙ عنصرن لاءِ واضح پيغام آهي ته خطي جو عوام امن پسند آهي، ڌرين کي گذارش آهي ته نفرت پکيڙيندڙ عنصرن کي رد ڪري پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪن، اسان جي ڪوشش ۽ خواهش آهي ته ڪرم جي عوام کي درپيش مسئلا جلد حل ٿين ۽ اتي معمول جي زندگي بحال ٿئي.

  1. ڪراچي ۾ پوليس تشدد خلاف سکر ۽ نوشهروفيروز ۾ احتجاج

سکر/ نوشهروفيروز(رپورٽ: رستم انڍڙ / عتيق الرحمان وسطڙو) پاراچنار صورتحال ۽ ڪراچي ۾ پر امن ڌرڻي تي پوليس جي شيلنگ ۽ خلاف نوشھروفيروز ۾ بار ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،جڏهن ته ڀريا بار ايسوسيئيشن پاران ٺهراءُ پاس ڪري پاراچنار ۾ شيعا ڪميونٽي سان ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي، ان موقعي تي بار اڳواڻن ايڊووڪيٽ امتياز حسين،  ايڊووڪيٽ عرفان رضا، ايڊووڪيٽ سليم ڏاھري، ايڊووڪيٽ ابرار حسين، ايڊووڪيٽ زاھد شاھ، ايڊووڪيٽ انصار ڪھوڙو، ايڊووڪيٽ ثناءالله عباسي،  ايڊووڪيٽ علي ممنائي ۽ ٻين چيو ته پاراچنار ۾ گذريل ٽن مهينن کان رستا بند هجڻ ڪري اتان جو عوام خاص طور تي معصوم ٻارڙا مري رهيا آھن پر حڪومت ان طرف ڪو توجهه نه پئي ڏئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪراچي پوليس ذريعي پاراچنار جي حمايت ۾ احتجاج ڪندڙ پرامن شهرين مٿان شدد ڪري ظالم هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، جنهن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ٻي پاسي سکر ۾ مجلس وحدت مسلمين پاڪستان ضلع سکر، وحدت يوٿ سکر ڊويزن ۽ شيعه رابطا ڪائونسل ضلع سکر جي قيادت پوليس خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڌرڻو سکر نيشنل پريس ڪلب جي ٻاهران لڳايو ويو، جتي مظاهرين طرفان زوردار نعرا هنيا ويا. اڳواڻن ۾ چوڌري اظھر حسن، ايڊووڪيٽ محسن سجاد عطيرا، ايڊووڪيٽ پرويز جتوئي، مولانا عباس ڪاظمي، مولانا علي بخش سجادي ۽ علي منگي صدر آءِ ايس او سٽي سکر شامل هئا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پارا چنار سانحي کان وٺي ڪراچي تائين حڪومت جي بي حسي ۽ پوليس گردي جاري آهي، پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، مظاهرين حڪومت ۽ پوليس کان ترت ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، ڌرڻو گلوب چوڪ تي لڳايو ويو جيڪو چار ڪلاڪ تائين جاري رهيو،  جتي مظاهرين پنهنجن مطالبن جي حق ۾ احتجاج جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.