لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ سپر اسٽار انجلينا جولي ۽ پريڊ پٽ ۾ طلاق جي اٺن ورهين بعد معاملا طئي ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سومر ڏينهن انجلينا جولي جي وڪيل ٻڌايو ته جوڙي جي الڳ ٿيڻ بابت حل طلب معاملا طئي ٿي ويا آهن.
انجلينا جولي جي وڪيل جيمز سمون طئي ٿيل معاهدي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اٽڪل اٺن ورهيه اڳ انجلينا جولي بريڊ پٽ کان الڳ ٿيڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيو هو.
هن ٻڌايو ته اداڪارا ۽ سندس ٻارن اُن سموري ملڪيت تان هٿ کڻي ورتو آهي جنهن جو بريڊ پٽ شريڪ مالڪ هو.
اداڪارا جي وڪيل موجب، هڪ ڊگهي قانوني عمل انجلينا جوليءَ کي ٿڪائي وڌو هو پر هوءَ هاڻي سڪون محسوس ڪري رهي آهي ڇو ته نيٺ اِهو معاملو ختم ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي بريڊ پٽ جي وڪيل معاملي تي ڪو به موقف ناهي ڏنو.
ياد رهي ته انجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ جو ڳاڻيٽو هالي ووڊ جي مشهور جوڙن ۾ ٿيندو هو، ٻنهي 2014ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين ڇهن ٻارن جو اولاد آهي.
اداڪارا 2016 ۾ الڳ ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته بريڊ پٽ کيس يورپ جي هڪ فلائيٽ دوران مٿس تشدد ڪيو هو ۽ جڏهن انهن جي ٻارن کيس بچائڻ جي ڪوشش ته هن هڪ ٻار کي گهٽو ڏنو جڏهن ته ٻئي کي مارڪٽ ڪئي.
سال 2019 ۾ هڪ جج ٻنهي جي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته ٻارن جي ڪسٽڊي ۽ مالي تڪرارن جو معاملو حل نه ٿو هو.
You might also like