انوکي واردات، هٿياربندن جي بيڪري تي ڪَاهه، سڀ ڪجهه ڇڏي رڳو ”ٽافيون“ کڻي ويا

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) ڦورو ڏوهه جي نيت سان ڪٿي داخل ٿيندا آهن ته هر شئي ٻُهاري ويندا آهن پر هڪ انوکي واردات ۾ هٿياربند رڳو ٽافين جا ٻه دٻا کڻي ويا.
ڦر جو اهو منفرد ۽ دلچسپ واقعو گوجرانوالا ضلعي جي شهر ڪامونڪي ۾ پيش آيو، جتي ٻه ڦورو هٿيارن سوڌا هڪ بيڪري ۾ داخل ٿيا ۽ روڪ رقم يا ٻئي سامان کي ڇڏي رڳو ٽافين جا ٻه دٻا کڻي فرار ٿي ويا.
سٽي ٿاڻي جي علائقي ماڊل ٽائون جي هڪ بيڪري ۾ ٻه اڻڄاتل هٿياربند داخل ٿيا، انهن نه ڪيشيئر ڪائونٽر ڏٺو ۽ نه ٻي ڪنهن شئي ڏانهن نهاريو، ٻئي ٽافين جا ٻه دٻا کڻي هٿيار لوڏيندا فرار ٿي ويا.
بيڪري جو مالڪ بلال پڻ اهڙي واقعي تي حيران آهي پر هن واقعي جي رپورٽ پوليس وٽ داخل ڪرائي آهي.
دڪاندار موجب ٽافين جي ٻن دٻن جي قيمت رڳو 800 رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.