واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر نيو اورلينز ۾ هڪ شخص هجوم تي گاڏي چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 زخمي ٿي پيا.
شهري حڪومت موجب نيو اورلينز جي بربن اسٽريٽ ۾ تيز رفتار گاڏي هجوم تي چڙهي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته جوابدار گاڏي هجوم تي چاڙهڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري فائرنگ به ڪئي، جنهن تي پوليس جوابي فائرنگ ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته واقعو اتي پيش آيو، جتي ماڻهو نئين سال جو جشن ملهائي رهيا هئا.
You might also like