ايپل طرفان آءِ فون 16 سيريز جو سستو ترين فون ايندڙ مهينن ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
هڪ رپورٽ موجب، ايپل طرفان نئين سستي آءِ فون ايس اي کي آءِ فون 16 اي جي نالي سان متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
اهڙي ريت اهو آءِ فون 16 سيريز جو حصو بڻجي ويندو ۽ ماضي جي ايس اي ماڊلز کان مختلف هوندو.
ان کان اڳ ليڪس ۾ ٻڌايو ويو هو ته آءِ فون ايس اي 4 سيريز جي ٻين ماڊلز کان بلڪل مختلف هوندو ۽ ان جو ڊيزائن آئي فون 14 کان ملندڙ جلندڙ هوندو.
نئين ماڊل ۾ هوم بٽڻ هٽايو ويندو جڏهن ته اسڪرين تي فرنٽ ڪيمرا نوچ ڊيزائن ۾ ڏنو ويندو.
هڪ ٻي ليڪ ۾ ٻڌايو ويو ته فون جي اندر ايپل جو نئون اي 18 پراسيسر موجود هوندو، جيڪو آءِ فون 16 جو حصو هوندو.
هن اپ گريڊ سان فون جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي جڏهن ته ان ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس فيچرز پڻ واهپيدارن کي فراهم ڪيا ويندا.
جيڪڏهن هي ليڪ صحيح ثابت ٿي ته اهو ايپل جو سستو ترين آءِ فون هوندو.
مختلف رپورٽن موجب، هن نئين ماڊل ۾ 6.06 انچ جو او ايل اي ڊي ڊسپلي ڏنو ويندو، جڏهن ته اِهو مارچ 2025 ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
فون جي پٺئين پاسي 48 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته فرنٽ تي 12 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود هوندي.
هن نئين ماڊل جي بيٽري پڻ پهرين کان وڌيڪ وڏي هوندي، جڏهن ته واءِ فاءِ 6، بليو ٽوٿ 5.3 ۽ 5 جي سپورٽ پڻ دستياب هوندي.
چارجنگ لاءِ يو ايس بي سي پورٽ ڊيوائس جو حصو بڻائي پئي وڃي، نئين ليڪ موجب، هي فون بليڪ ۽ وائٽ رنگن ۾ دستياب هوندو.
You might also like