رومانوي لاڳاپن ۾ وٿيءَ سان محبت وڌندي آهي: اننيا پانڊي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا اننيا پانڊي چيو آهي ته رومانوي لاڳاپن ۾ وٿيءَ سان محبت وڌندي آهي.
هڪ بيان ۾ اداڪارا اننيا پانڊي ”لانگ ڊسٽنس ريليش نشپ “ بابت ڳالهائيندي چيو ته هوءَ سمجهي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن لاڳاپن ۾ ٿوري وٿي هاڪاري ڪردار ادا ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ سمجهي ٿي ته 45 ڏينهن تائين نه ملڻ ڪافي آهي، اهو گهڻو خراب ناهي، ٻه مهينا ٺيڪ آهن، حقيقت ۾ هڪٻئي کان پري رهڻ سان محبت وڌندي آهي.
اداڪارا اهو پڻ چيو ته وقت سان گڏوگڏ هوءَ هڪ بهتر بڻجي وئي آهي، وقت سان گڏ هوءَ وڌيڪ پراعتماد ٿي وئي آهي ۽ ان جو سڌو اثر سندس لاڳاپن تي پيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.