ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪرم جي معاملي تي ڪوهاٽ گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
ڪوهاٽ ۾ ڪرم ضلعي جي صورتحال تي جاري گرينڊ جرڳو ختم ٿي ويو ۽ ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
جرڳي جي رڪن ملڪ ثواب خان تصديق ڪئي ته امن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن، ڌرين طرفان 45-45 ماڻهن صحيحون ڪيون آهن، ڌريون 14 نڪتن تي ٻڌل معاهدي تي متفق ٿي ويون آهن، معاهدي تحت ڌرين ۾ سيزفائر جو فيصلو ٿيو آهي، ڌريون مورچا ختم ۽ هٿيار جمع ڪرائينديون.
هن چيو ته رستا کولڻ ۽ امن جي قيام لاءِ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي حڪومت حوالي ڪيو ويندو، امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو.
معاهدي تحت نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو ۽ وڏا هٿيار حڪومتي تحويل ۾ ڏنا ويندا.
You might also like