شهدادڪوٽ ۾ پيءُ ڪارنهن الزام هيٺ نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ (ن ع آ ) شھدادڪوٽ ۾ پيءُ ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي 18ورهين جي نوجوان ڌيءَ کي پسٽل جا فائر ڪري  قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي، واقعو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بادشاھه ڪالوني ۾ پيش آيو آهي جتي جوابدار شبير عرف پيو چانڊيو پنهنجي غيرشادي شده ڌي صنم چانڊيو کي ڪارنهن جي الزام هيٺ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي، اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال کڻائي آندو،ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي جي وڏي منشي سيد شھنشاھه عوامي آواز کي ٻڌايو ته جوابدار شبير عرف پپو چانڊيو ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي 18ورهين جي ڌيءَ صنم چانڊيو کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.