هن وقت عالمي بحث جو موضوع ايران جو ايٽمي پروگرام آهي. ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ آمريڪا، اسرائيل ۽ ڪيترن ئي مغربي قومن ايران تي الزام لڳايو آهي ته هو ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان چيو هو ته وچ اوڀر ۾ ڪمزور ايران شايد ايٽمي هٿيارن جي پيروي ڪري طاقتور بڻجي وڃي.
اسرائيل هميشه ايران جي ايٽمي پروگرام کي پنهنجي وجود لاءِ خطري جي طور تي ڏٺو آهي.ايٽمي هٿيارن جي امڪاني ترقي تي خدشا ظاهر ڪندي آمريڪا کان ايران تي سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي.سوال اهو آهي ته ايران کي ايٽمي ٽيڪنالاجي ڪنهن ڏني؟ جنهن لاءِ ڊاڪٽر عبدالقدير جو نالو سرفهرست رهيو. پر ايران انهن الزامن کي رد ڪندي روس ۽ ٻين ملڪن کان ايٽمي پروگرام وٺڻ جو چوندو رهيو آهي.
هتي سوال اهو آهي ته جڏهن آمريڪا اسرائيل ۽ ٻين يهودين کي ايٽم بم سميت ٻيا جوهري هٿيار وڪرو ڪري مسلمانن خلاف جنگيون جوٽيون ويٺو آهي ته پوءِ جي امڪاني ردعمل تي خدشا ظاهر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن وقت دنيا کي ايران جي ايٽمي پروگرام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ايران ۾ ڪيترائي ايٽمي ريسرچ سائيٽون آهن. ملڪ ۾ پڻ ٻه يورينيم مائنز، هڪ ريسرچ ري ايڪٽر، ۽ يورينيم پروسيسنگ جون سهولتون آهن جتي افزودگي ٿيندي آهي. جڏهن ته ايران وٽ في الحال ڪوبه ايٽمي هٿيار ناهي، ان جي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڳجهي ايٽمي هٿيارن جي تحقيق ۾ مشغول ٿيڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.
سوال اهو ته آهي ڇا ايران اڳ ۾ ئي ايٽمي هٿيار ٺاهي چڪو آهي؟ ان متعلق مغربي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايراني اڳواڻ ان جي تعاقب ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا، ته ملڪ وٽ ڄاڻ ۽ بنيادي ڍانچي بابت ڪهڙو ثبوت آهي ته هو نسبتاً مختصر عرصي ۾ ايٽمي هٿيارن کي ترقي وٺرائي سگهن ٿا. پر هيل تائين ايٽمي هٿيارن تي ايران جي دعويٰ آهي ته هن هميشه پنهنجي غير فوجي مقصدن کي برقرار رکيو آهي جڏهن اهو اچي ٿو ايٽمي توانائي پروگرام صرف پنهنجي دفاع لاءِ آهي يا ملڪ ۾ هڪ سول ايٽمي توانائي پروگرام آهي جيڪو پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصي کان هلي رهيو آهي.
اپريل 2024 ۾، هڪ حڪومتي ترجمان چيو هو ته، ”ايران بار بار چيو آهي ته ان جو ايٽمي پروگرام صرف پرامن مقصدن لاءِ آهي. ايٽمي هٿيارن جي اسان جي ايٽمي نظريي ۾ ڪا جاءِ ناهي.“ جڏهن ته، 2000ع جي شروعات ۾ ملڪ جي ڳجهي ايٽمي سائيٽن بابت انڪشاف ۽ تحقيق سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. اهو آمريڪا ئي هو جنهن ايران کي ايٽمي ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي. ايران جو ايٽمي پروگرام 1950ع ۾ آمريڪا ۽ ايران جي شاهه جي وچ ۾ سرد جنگ جي اتحاد جي حصي طور شروع ٿيو. 1979ع ۾ ايراني انقلاب کانپوءِ پروگرام کي روڪيو ويو.ان جي ” ايٽمز فار پيس“ پروگرام ذريعي، آمريڪا ايران کي ايٽمي ٽيڪنالاجي، ايندھن، سامان ۽ تربيت ۾ مدد ڪئي.
1967ع ۾ آمريڪا ايران کي 5 ميگا واٽ جو ريسرچ ري ايڪٽر فراهم ڪيو.1974ع ۾ ايران فرانس جي يورينيم افزودگي واري پلانٽ ۾ 1 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي. بدلي ۾، ايران کي افزوده يورينيم جي پيداوار جو 10 سيڪڙو حق حاصل ڪيو. ائين جرمن ڪمپني Kraftwerk فارس نار جي ساحل تي بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ جي تعمير ۾ مدد ڪئي. تازو سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪيا ته پوءِ سعودي عرب به ائين ئي ڪندو، ته جيئن علائقي ۾ طاقت جو توازن قائم رھي سگھي.
اسرائيل سان لاڳاپن جي بحالي بابت محمد بن سلمان چيو ته اسرائيل سان ڳالهين جو مطلب آھي ته اسان لاڳاپن جي بحالي ڏانھن وڌڻ جي امڪان کي ويجهو ٿي رھيا آهيون. جيتوڻيڪ ان ۾ سڀ کان اهم معاملو فلسطينين سان ٿيندڙ سلوڪ جو آهي.خبرن جي اداري ’ايسوسي ايٽڊ پريس‘ موجب اسرائيل سان لاڳاپا رکڻ جي بدلي ۾ آمريڪا سعودي عرب سان سول ايٽمي پروگرام ۾ مدد ڪرڻ جو معاھدو ڪندو. فوجي ۽ جاسوسي ماهرن موجب آمريڪي مخالفت کان پوءِ ايران جي ايٽمي پروگرام تي حملي جا امڪان گهٽجي ويا.اسرائيل امڪاني طور ايران جي ميزائيل هلائيندڙ فوجي مرڪز يا ايراني تيل جي پيداواري نظام تي اوچتو حملا ڪندو تيل جي داخلي نظام تي حملن جا گهڻا امڪان آهن، ٻاهرين پائيپ لائين تي حملي سان جنگ وڌي سگهي ٿي. ايران جي ايٽمي پروگرام يا ٻاهرين پائيپ لائين تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران سخت جوابي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو
وچ اوڀر جي ملڪن ويجهڙ ۾ قطر ۾ هڪ ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي ايران کي جنگ جي صورت ۾ اڻ ڌريو رهڻ جي پڪ ڏياري هئي. جڏهن ته اسرائيل خلاف چار جنگيون ڪندڙ مصر کي به جنگ ۾ دلچسپي ناهي ۽ شام به داخلي معاشي بحران سبب معاملي ۾ ٽنگ نه اڙائيندو. آمريڪا جنگ جي صورت ۾ اسرائيل جي حمايت ته ڪندو ۽ نه فوج ميدان ۾ لاھيندو. اها حقيقت آهي ته آمريڪا هن صدي جو وڏو ۾ وڏو ظالم ۽ منافق، مفاد پرست آهي. جڏهن ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ شروع ڪيا ته آمريڪا ايران تي اقتصادي پابنديون هڻي ڇڏيون ۽ ٻيو الزام ته ايران حزب الله، ۽ حماس جي مدد ڪري ٿو ۽ اهي سب دهشتگرد تنظيمون آهن، ۽ ايران ايٽمي پروگرام دنيا لاءِ خطرو آهي ۽ ان سان دنيا جي تباهي ايندي. تعصب وارو چشمو لاهي ٿورو غور ڪريو ته آمريڪا پوري دنيا ۾ خود دهشتگرد پيدا ڪيا آهن روس کي ٽوڙڻ لاءِ هن ڇا ڇا نه ڪيو، آمريڪا داعش ۽ طالبان کي ڇو پيدا ڪيو، لبنان، يمن، عراق، فلسطين، شام، افغانستان ۾ جنگيون ڪري هزارين بيگناهه ماڻهو ماريا، مسلم ملڪن کي تباھه ڪريو.