ڀولڙن جي سياست ۽ بي قابو بڻيل هاٿي

تحرير: سهيل وڙائچ

اسين سياسي ڀولڙا به عجيب آهيون. اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي، اسين پنھنجا دشمن پاڻ آھيون. جھنگ جا ٻيا جيڪي بھ جانور آھن، اھي پنھنجي ڌڻ کي پاليندا آھن، ان جو بچاءِ ڪندا آھن.ھاٿي تھ خاص طور تي پنھنجي ڪلاس جي لاءِ وڙھڻ جھڙڻ ۽ مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آھن.اهي اسان ڀولڙن جي خلاف گڏ آهن جڏهن ته اسان پوليٽيڪل ڪلاس وارا ڀولڙا پورن 75 سالن کان پاڻ ۾ وڙھي جھڙي رھيا آھيون، هڪ ٻئي خلاف سازش ۾ شامل رھون ٿا.هڪڙي کي مار پوندي آھي تھ باقي اسان سڀ تاڙيون وڄائيندا آهيون، پوءِ ٻئي جي واري ايندي آهي ته پهريان تاڙيون وڄائيندا آهن.

اسان ڀولڙن جي خصلت آهي ته اسان پنھنجي ھم ذاتن سان تھ وڙهندا آهيون، ھاٿي اچي وڃي تھ اسين ان کي جاءِ ڏئي ڇڏيندا آھيون، پوئتي هٽي ويندا آهيون، مزاحمت انڪري نٿا ڪري سگهون  ته اسان پاڻ ۾ڪڏهن  متحد ئي نٿا ٿي سگھون.اسان حملي ڪندڙ لاءِ لپا جھڙا ڪونئرا ۽  پنھنجي قبيلي لاءِ فولاد آھيون، اسان جي پنھنجي لڙائين جھنگل مان اسان جو اختيار بلڪل ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاٿي سڄي اقتدار ۽ اختيار جا مالڪ بڻجي چڪا آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته  جھنگ جو سمورو اسپيس بھ اسان ئي ھنن کي ڏنو آھي. جيتوڻيڪ سرحد پار دشمن، جھنگ ۾ ڀولڙن هاٿين کي مڪمل طور تي بي اختيار ڪري رکيو آهي، ھاڻي تھ ڀولڙن جو اھو حال ٿي ويو آھي جو ھر فيصلي جي منظوري ھاٿين کان وٺڻي پئي ٿي. هڪ زماني ۾ڀولڙن وٽ گھٽ ۾ گھٽ جھنگ  جي معيشت  هلائڻ جو پورو اختيار هوندو ھو، پر هاٿي ڀولڙن جي نااهلي تي ھر وقت ڪاوڙيل رھندا ھئا.پوءِ ھاٿين جي سردار ھڪ ڏينھن سرعام چيو تھ معيشت جي بحالي بھ انھن جي ذميداري آھي. ڇو ته ڀولڙا  اها ذميواري کڻڻ جي اھل نه آهن، انهن کي ڊپ هو ته ڀولڙن جي ڀولڙي واري ورھاست جي ڪري جھنگ جي معيشت  جو جنازو ئي نڪري ويندو.

اڄڪلهه، هاٿين ۽ ڀولڙن جو  قابض گروهه ڀولڙن  جي هڪ مخالف گروھ  جي خلاف  مسلسل جنگ جاري رکي آهي. ڀولڙن جو مخالف گروهه سياسي  گمراهي جو شڪار آھي. پريشان آھي، ڊنل آھي، مايوس آھي، هاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي جھنگ  مان ڪمڪ ( مدد)  جو انتظار ڪري رهيو آهي. هن جو خيال آهي ته اتي اجا ڀولڙا ۽ هاٿي گڏجي ڪري هن جھنگ جي هاٿين تي دٻاءُ وڌندا ۽ جيل ۾موجود قيدي آزاد ٿي  ويندا.اها اٽڪل بازي  ايتري سولي بھ نھ آھي.پرڏيهي هاٿي آهن، پورس جا هاٿي ھوندا آھن، اهي رڳو مخالف هاٿين سان ناھن وڙھندا اھي ڀولڙن کي بھ نشانو بڻائيندا آهن ۽ ٻيو تھ ٺھيو پر اھي پوکيل فصل بھ ڀيلي ڇڏيندا آھن.

تضادستاني جھنگ. افغاني، شامي، لبيا ۽ ايراني جھنگن  کان بلڪل مختلف آهي، تضادستاني  جھنگ جا ھٿيار ۽ اثاثا گھڻا  مضبوط آھن .سڄي دنيا جي ٻن سئو  جھنگن مان فقط اٺ اهڙا آهن جن وٽ اھي هٿيار ۽ اثاثا آهن.تصادستاني جھنگ معاشي طور ڪمزور آهي، ٻين جھنگن مان اوڌر وٺندو آھي. اڄڪلهه دٻاءُ هيٺ آهي، پر طاقتور هاٿي ٻه طرفي حڪمت عملي ٺاهي ورتي آهي. سٻاءِ آيو تھ پھرين لچڪ ڏيکارڻي آھي ۽ پوءِ اٽڪي پوڻو  آھي. پر ساڳئي وقت سپر جھنگ جو نئون ٽرمپو ڀولڙوي سان بھ رستي کولڻ جي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.سپر جھنگ جي ھاٿين ۽ تضادستاني جھنگ جي ھاٿين جو پاڻ ۾ 75 سال پراڻو گھرو واسطو ۽ رابطو آھي.سپر جھنگ جا ھاٿي تضادستان جي ھاٿين سان ھمدردي رکن ٿا ۽ اھي بھ ٽرمپو ڀولڙي کي سمجهائيندا.

تضادستاني ڀولڙي جي عتاب ھيٺ آيل گروھ اڄڪلهه ڏاڍو خوش آهي پر  مشهور۽ مقبول ڀولڙن کي ٽرمپو ۽ سپر جھنگ کان مدد آئي ته تضادستاني جھنگ ۾  شهرت ۽ مقبوليت  کي نقصان پهچندو. اھو ئي سپر جھنگ ۽ ٽرمپو ڀولڙو شام، لبيا، عراق، فلسطين ۽ ايران ۾  جيڪو ڪجھه  ڪري رهيا آهن، تضادستاني  عوام ۽ خاص  ان کان سخت ناراض آهن.عتاب ھيٺ آيل گروھ کي ٽرمپو ڀولڙوي سان اتحاد مھانگو پئجي سگھي ٿو.ھن وقت جي صورتحال اها آهي ته عتاب هيٺ آيل گروهه مقبول  ته آهي، پر شفقت رکندڙن تي پنهنجي گرفت وڃائي  چڪو آهي.

ڀولڙن جي حامين جا ڪيترائي قسم ھوندا آھن.ھڪڙا رڳو ووٽر ھوندا آھن.اھي جھنگ جي ووٽن ۾ ووٽ وجھي مطمئن ٿي ويندا آهن ته انھن انقلاب آڻي ڇڏيو آھي. ٻئي قسم جا ڀولڙا همدردي جا ٻول ٻوليندا رھندا آھن.محفلن ۾ زبان ھلائيندا آھن، پر عمل جو وقت ايندو آھي تھ گھرن ۾ ڇُپ ھڻي ويھي رھندا آھن.ٽئين قسم جا ڀولڙا سڀني کان وڌيڪ قيمتي ھوندا آھن.اھي پنھنجي سياست، پنھنجي نظرئي ۽ پنھنجي ليڊر جي لاءِ جان  بھ قربان ڪري ڇڏيندا آھن.عتاب ھيٺ آيل ڀولڙن وٽ گھٽ ۾ گھٽ پنجابي جھنگ ۾ پھرين ٻن قسمن جا ڀولڙا تھ ڪثرت سان ملن ٿا،پر ٽئين قسم جي ڀولڙن جو تعداد نھ ھئڻ برابر آھي.اصل ۾ ڀولڙن جي ويڙھ  ۾ اھو ئي کٽي ٿو  جنھن وٽ ٽئين قسم جي ڀولڙن جي گھڻائي ھجي.اھڙي صورتحال ۾ اسان ڀولڙن جو اھو قسم وڙھي جھڙي ڪري قرباني ڏئي ڪري، حياتيون وڃائي ڪري پنھنجي ليڊر کي اقتدار ۾ آڻيندي آھي.فرض ڪريو ته اقتدار ۽ عقابي ڀولڙن ۾ صلح ٿي وڃي ته جھنگ جي سياسي صورتحال يڪدم بدلجي ويندي، هاٿين جا ڏند کٽا ٿي ويندا ۽ اھي  واپس پنهنجي ماڳن  ڏانهن موٽندا، پر اسان سياسي ڀولڙن جي فطرت  ۾ عقل ۽ سمجهه جي کوٽ آهي.

اسان سڀ ڀولڙا انفرادي طور تي تسليم ڪريون ٿا تھ اسان جي نجات، اسان جي عزت ۽ اسان جو اقتدار تڏهن ئي اسان کي ملي سگهي ٿو، جڏهن اسان ۾ صلح هوندي، پر اسان ڀولڙن جون انائون تمام وڏيون  آهن، مون  کي هر ٻئي ڀولڙي سان اختلاف آھي. مان ھن ڀولڙي کي پاڻ کان وڏو ڇو مڃان ؟ مان پاڻ ئي  وڏو آهيان. منھنجو ليڊر وڏو آھي. منهنجو ليڊر ايماندار، منهنجي جماعت  سٺي آھي، جڏھن تھ باقي سڀني ڀولڙن جا ليڊر خراب آھن.سڀ جماعتون خراب آھن.

جيتوڻيڪ قاضي ۽ هاٿي ٻنهي جي نظر ۾ سڀ ڀولڙا  ھڪجھڙا آھن، سڀئي ڪرپٽ آھن، سڀئي نااهل ۽ سڀئي سزا جوڳا آھن،واري واري سان سڀني ڀولڙن  تي ڪرپشن، نااهلي،بي ايماني ۽ غداري جا الزام لڳندا آھن. سڀني کي سزائوم مليون آھن، پر پوءِ به اسان سڀني کي يقين آھي تھ مان صحيح آهيان پر باقي سياسي ڀولڙا  خراب آھن. هاٿين جي اھا ئي ڪاميابي آھي تھ  ڀولڙن  کي وڙهائيندا رهن ٿا ۽ هڪ کي سزا ڏين ٿا، تھ  ٻئي کي اقتدار جو  انعام ڏئي پاڻ سان ملائي ٿا وٺن.

اسان سڄي دنيا جا ڀولڙا بس اھڙا  ئي آهيون. جيئين سڄي دنيا جي پورھيت ڪڏھن متحد نٿا ٿي سگھن.تيئن اسان مظلوم ۽ محروم ڀولڙا  به گڏ نٿا ٿي سگهون. جيڪڏھن متحد ٿيڻون آھي تھ پوءِ مڃڻون پوندو تھ اسان سڀ ڀولڙا برابر آھيون.اسان ۾ ڪو به هيرو ناهي. هيرو اهو هوندو جيڪو سڀني ڀولڙن  سان سرچاءُ ڪري هاٿين کان ٿورو گھڻو اقتدار ۽ اختيار واپس وٺي وٺي.،پر اڄڪلھه جي ڀولڙن ۾ اھا صلاحيت  پري تائين ڪٿي به نظر نٿي اچي. اسان تضادستاني ڀولڙن جو مقدر ھڪٻئي مٿان شڪستون آھن. ڇو ته اسان جا ڀولڙا ليڊر  ماضي مان ڪو به سبق نھ ٿا سکن!

جيتوڻيڪ قاضي ۽ هاٿي ٻنهي جي نظر ۾ سڀ ڀولڙا  ھڪجھڙا آھن، سڀئي ڪرپٽ آھن، سڀئي نااهل ۽ سڀئي سزا جوڳا آھن،واري واري سان سڀني ڀولڙن  تي ڪرپشن، نااهلي،بي ايماني ۽ غداري جا الزام لڳندا آھن. سڀني کي سزائوم مليون آھن، پر پوءِ به اسان سڀني کي يقين آھي تھ مان صحيح آهيان پر باقي سياسي ڀولڙا  خراب آھن. هاٿين جي اھا ئي ڪاميابي آھي تھ  ڀولڙن  کي وڙهائيندا رهن ٿا ۽ هڪ کي سزا ڏين ٿا، تھ  ٻئي کي اقتدار جو  انعام ڏئي پاڻ سان ملائي ٿا وٺن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.