شام ۽ ترڪيه وچ ۾ بفرزون لاءِ ترڪيه جي ڪوشش تيز

شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جي ڊرامائي خاتمي کانپوءِ  ترڪ اختيارين ۽ ميڊيا جو ڌيان هاڻي اتر شام تي کتل آهي. ڇاڪاڻ ته اتر شام تي ڪرد تنظيمن جو ڪنٽرول آهي جنهن کي ترڪيھ پاڻ لاءِ خطرو سمجهي ٿي. شام تي باغي گروپن جي قبضي کان پوءِ ترڪيھ پاران اتر شام ۾ اهڙن گروپن خلاف فوجي ڪارروائي جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي. ترڪيھ جو چوڻ آهي ته اتر شام ۾ اهي ڪرد گروهه پابندي مڙهيل ڪردستان ورڪرز پارٽي سان لاڳاپيل آهن.ڪردستان ورڪرز پارٽي اتر شام ۾ مضبوط پوزيشن رکي ٿي ۽ شام ۽ ترڪيھ جي حصن کي گڏ ڪري هڪ الڳ ڪرد رياست ٺاهڻ جو ارادو رکي  ٿي.

جيتوڻيڪ ترڪيھ صدر طيب اردگان شام جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي برقرار رکڻ  جو عزم ورجايو آهي، پر اتر شام ۾ ڪرد گروپن تي سختي ڪئي وئي آهي. ترڪيھ ۾ حڪومت نواز ميڊيا هن مسئلي بابت وڌيڪ کليل  خيالن جو اظهار ڪيو آهي.بشار الاسد حڪومت جي خاتمي کان وٺي، ترڪيھ ميڊيا اردگان حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو شام ۾ ٿيندڙ تبديلين جو فائدو وٺي ۽ شام ۾ ترڪيھ جي وڌندڙ اثر کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪري

ترڪيھ جا ماهر هاڻي شام جي عبوري حڪومت ۽ ترڪيھ جي حمايت يافته شامي نيشنل آرمي (ايس اين اي) تي زور ڀري رهيا آهن ته اھي اتر شام ۾ ڪردن  جي ڪنٽرول ۾ رھندڙ  علائقن کي آزاد ڪرائين. انهن علائقن ۾ ڪوباني (عين العرب)، قمشلي ۽ رقيه جهڙا شهر آهن.ساڳي ئي وقت ترڪيھ  اختياريون  ترڪ ڪدر فورسز جي قبصي واري واري شام جي ۽ ترڪيھ جي ڏکڻ ۾ واقع  30 ڪلوميٽر علائقي کي بفر زون ٺاهڻ لاءِ رٿابندي ڪري رھيون آھن. اهو ترڪيھ جي پراڻي رٿابندي  آھي.

ترڪ اهلڪارن بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کان اڳ اتر شام ۾ فوجي ڪارروائي جو اشارو ڏنو هو.نومبر 2024 جي وچ ڌاري، صدر اردگان شام جي شهر قمشلي ۾ ممڪن آپريشن جو اشارو ڏيندي چيو ھو ته ”اسان قمشلي ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن اتي دهشتگرد تنظيمن جو خاتمو ڪري سگهون.“

اسد  حڪومت جي خاتمي بعد ترڪيھ جي حامي سيريئن نيشنل آرمي ، ڪرد پيپلز پروٽيڪشن يونٽس ( واءِ پي جي ) سان اتر شام ۾ منبج ۽ تل رفعت جي علائقن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو ھو. ترڪ ميڊيا موجب ڪرد ويڙهاڪن کي ٻين علائقن مان ڪڍڻ جو امڪان آھي.ترڪيھ واري سرحد تي شام جي شهر ڪوباني تي ڌيان ڏنو ويو  آهي.رپورٽن موجب اتي ڪرد گروپن جي جاري سرگرمين کي فوري طور تي زميني آپريشن جي ضرورت آهي.ڪوباني شهر ترڪيھ جي اندروني سياست ۾ خاص اهميت رکي ٿو. 2014 ۾، شهر تي دولت اسلاميھ جي قبضي جي خوف ترڪيھ جي ماڻهن ۾ خوف پئدا ڪري ڇڏيو ھو.

22  ڊسمبر تي ترڪيھ جي بچاءَ واري وزير ياسر گلر اعليٰ فوجي ڪمانڊرن سان گڏ ملڪ جي ڏاکڻي سرحدي صوبي ڪيليس جو دورو ڪيو، ھو جتي هن چيو ته ترڪي جي ترجيح ڪرد علحيدگي پسند تنظيم  YPG کي ختم ڪرڻ آهي.اتر شام ۾ اھو علائقو بفر زون قائم ڪرڻ جي لاءِ  انتهائي اهم آهي.ڪرد عليحدگي پسندن کي آمريڪا جي حمايت حاصل آھي. جيڪي ترڪيھ جي امڪاني فوجي ڪارروائي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽  آمريڪا کان ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.ترڪيھ اختيارين بار بار ڪرد گروپن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ترڪيھ جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان 14 ڊسمبر تي اين ٽي وي نيوز ويب سائيٽ کي ٻڌايو ته ”ڪرد جي اڳواڻي ۾ گروپن کي پاڻ کي ختم ڪي ڇڏڻ گھرجي نھ تھ اھي تباهه ٿي ويندا.واءِ پي ڪي ۽ ڪي پي پي ۾ شامل ماڻھو جيڪي شامي نه آهن ۽ جن کي شام ۾ بين الاقوامي دهشتگرد تصور ڪيو وڃي ٿو، انهن کي ملڪ ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

ترڪيھ جي وزر ھاڪان فيدان حيات التحرير الشام جي اڳواڻ احمد الشرع سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ بھ اھا ڳالهه ورجائي ھئي.هن چيو ته پي ڪي ڪي ۽ يو پي جي کي فوري طور تي پاڻ کي ختم ڪرڻ گهرجي. شام هاڻي بعث پارٽي جي حڪمراني جي اونداهين کان آزاد آهي. هاڻي ان کي PKK ۽ ISIS کان به آزاد ڪيو ويندو. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جي عهدي  سنڀالڻ کان اڳ ترڪيھ کي شام ۾ تيزيءَ سان مهم شروع ڪرڻ گهرجي ته جيئن خطي جي موجوده صورتحال کي ترڪي جي حق ۾ تبديل ڪري سگهجي.ترڪيھ جي ھڪ حڪومت نواز اخبار ”ترڪي“ لکيو آھي تھ آمريڪي بچاءَ واري وزارت ”پينٽاگون“ جا نمائندا نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ ترڪيھ ۽ شام تي ”ڪنٽرول“ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.