سال 2024 ضلعي ڪشمور جي ٻارنھن لک کان وڌيڪ آبادي جي ڏکن سورن سان ڀريل سال رھيو. هن سال جتي علم جي شمع روشن ڪندڙ ،استاد فھد کوسو ،الله رکيو نندواڻي جھڙا استاد ڪڌي رسمن تحت ابدي ننڊ سمھاريا ويا اتي ڪيترائي خاندان، ڏوھاري راڄ جي ظلمن سبب پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا
ضلعي ڪشمور اندر ڏوھن ،اغوا ۽ قبيلائي جھيڙن جو ناسور گذريل 4 ڏھاڪن کان بدستور لاعلاج بڻيل آھي هن سال 100 کان وڌيڪ ماڻھن ڏوھاري مافيا جي چنبي مان ڀنگ جي ڳري رقم ڏيئي پنھنجي جان آجي ڪرائي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو ڪچو جيڪو ڪرمپور کان ڪشمور جي گيھلپور جي علائقي تائين ڦھليل آھي جنھن ۾ 25 کان وڌيڪ ڏوھاري گينگز پنھنجون ڪاروايون سر انجام ڏين پيون جيڪي سنڌ حڪومت لاءِ ھميشه چيلنج بڻيل رھيون آھن درجن کان وڌيڪ پوليس اھلڪارن جي شھادت اربين روپيا پوليس آپريشن تي خرچ ڪرڻ باوجود ڪچي جو علائقو قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن سميت عام شھرين لاءِ به نوگوايريا بڻيل آھي صدر پاڪستان آصف زرداري جي سکر ۾ امن امان بابت گھرايل اجلاس ،سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ طرفان ورتک نوٽس به علائقي ۾ امن جي فضا قائم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر آيا ان ڏوھاري سرگرمين پٺيان ڪجهھ سياسي ،معاشي قبائيلي فائدا جڙيل رھيا آھن جيڪي علائقن ۾ امن اومان جي بگڙيل صورتحال جا ذميوار بڻجندا رھن پيا
سنڌ جو ڪچو صدين کان سرسبز خوشحال علائقو رھيو جنھن ۾ ھزارين ايڪڙ زرعي زمين ،مڇي جا تلاءَ ،ٻيلي کاتي جي زمين ،۽ ڪڙورن روپين جو ڪاٺ به امن و امان جي خراب صورتحال جا اھم ڪارڻ آھن جنھن جو واضع مثال سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان ٻيلي کاتي جي زمين تي ناجائز قبضن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت تي ڇڙڪائينڏڙ انڪشاف سامھون اچڻ جنھن ۾ حڪومتي ڌر سميت ،مختلف جاگيردار ،سرمائيدر طبقي طرفان ٻيلي کاتي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ جا انڪشاف سامھون آيا طاقتور ڌريون ھميشه ڪچي جي علائقي ۾ فوجي آپريشن يا گرينڊ آپريشن خلاف رھيا آھن جيڪي نه چاھيندا ت امن قائم ٿيڻ جي صورت ۾ عام ماڻھو ۽ ٻيلي کاتي جي رسائي علائقي تائين ٿيئي
ڪچي جي علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي جو سبب ھميشه ڏوھارين وٽ جديد کان جديد تر اسلحي جي موجودگي آھي جنھن سبب پوليس کي ھميشه ڏکائين کي منھن ڏيڻو ٿو پئي لاتعداد پوليس اھلڪارن جون قربانيون جنھن جو واضع مثال آھن ڏوھارين وٽ موجود ھٿيار جيڪي مضبوط بلٽ پروف اي پي سيز کي پار ڪري اندر ويٺل اھلڪارن کي نشانو بڻائين ٿا ڪچي جي اندر ٻه ڪلوميٽر تائين مار ڪندڙ ڏھ ڇڪي ،اينتي ايئر ڪرافٽ گن ،مارٽر گولا ۽ ملٽري رينج جو ھٿيار جي موجودگي ادارن جي نااھلي ۽ ڪارين رڍن جي عيوض ممڪن بڻيل رھيو آھي ڪڙورن روپين جي ھٿيار خريد ڪرڻ لاءِ اغوا جي وارادتن مان ملندڙ رقم خاصو ڪردار ادا ڪري ٿي
ضلعي جي مختلف 50 کان وڌيڪ برادرين ۾ ھلندڙ قبيلائي جھيڙن به ڏوھاري ،ھٿيار ڪلچر کي جتي واڌ ويجهھ ۾ ھٿي ڏني آھي اتي سنڌ جو ضلعو ڪشمور ھٿيار فروش مافيا لاءِ جنت بڻيل آھي
سنڌ حڪومت ۽ طاقتور ڌرين کي مصلحت پسندي کان ھٽي ضلع ڪشمور جي 12 لک کان وڌيڪ آبادي جيڪا گذريل ڪيترن سالن کان سراپا احتجاج بڻيل آھي انھن جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ سياسي ،معاشي مفادن کان مٿانھان فيصلا ڪري ڏوھاري راڄ خلاف گرينڊ آپريشن جي صورت ۾ معاشري جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ گھرجن جيئن شھري اڄ جي جديد دور ۾ ڪانوائي جھڙي صورتحال ۾ سفر ڪرڻ بجاءِ شھر جي معاشي ،ٽقافتي ،سماجي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙين.