سپريم ڪورٽ طرفان گرين سگنل ملڻ کانپوءِ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 9 مئي جي ُپرتشدد واقعن ۾ ملوث پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن کي مختلف شرطن تي سخت سزائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو. پاڪ فوج جي تعلقات عامھ شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان ۾ انھن سزائن کي ”انصاف جي فراهمي ۾ هڪ اهم سنگ ميل“ قرار ڏنو ويو.
ٻئي طرف فوجي عدالتن پاران عام شهرين جي فوجي ٽرائل کي تڪراري سمجھيو وڃي ٿو،جڏهن ته ان کي انصاف کي دوکي ڏيڻ جي طور تي بھ بيان ڪيو وڃي ٿو.هن تازي فيصلي جا ڏيھي ۽ پرڏيھي محاذن تي ڏور رس نتيجا نڪرندا.جنھن سان ملڪ ۾ جمهوري عمل ۽ قانون جي حڪمراني بابت سوال اٿن ٿا.درحقيقت، عوامي نظام کان مٿاھين انصاف جي فراهمي کي ملڪ ۾ آمريت جي وڌندڙ اثر جي طور تي ورتو وڃي ٿو.
ملڪ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي تھ سويلينز فوجي ٽرائيل کي منهن ڏنو آھي. ان کان علاوه اعليٰ ججن تي ٻڌل نئين آئيني بينچ فوجي عدالتن کي فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت ڏني، جيتوڻيڪ فوجي عدالتن بابت هڪ درخواست اڃا تائين التوا ۾ آهي. ان سان سوال اڀرن ٿا ته ڇا فيصلي ٻڌائڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل جي حمايت ڪئي آهي ؟ اهو اسان جي انصاف واري نظام لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ان کان علاوه اھي سوال بھ اٿاريا پيا وڃن ته ڇا انهن ڳجهن ٽرائلز ۾ قانوني طريقيڪار جي پيروي ڪندي جوابدارن جا قانوني حق پورا ڪيا ويا آهن يا نھ ؟ يقينن، آئين تحت، اھي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو حق رکن ٿا. پر سوال پنھنجي جاءِ تي برقرار آھي تھ جڏهن اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ التوا ۾ آهي ته ان صورت ۾ عام شھرين خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائي سگهجن ٿا ؟
هي پهريون مرحلو هو. ٻيا به ڪيترائي سياسي قيدي آهن، جيڪي فيصلي جي لاءِ انتظار جي سولي تي ٽنگيل آهن. اهڙيون خبرون به سامھون آيون آهن ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اهم اڳواڻن خلاف پڻ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا، جن کي آءِ ايس پي آر پنھنجي پريس رليز ۾ 9 مئي جي ”رٿابندي ڪندڙ ۽ ماسٽر مائينڊ“ طور بيان ڪيو آھي.
جيڪڏهن اها ڳالهه درست ثابت ٿئي ٿي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون موقعو ھوندو جڏھن ڪنھن اڳوڻي وزيراعظم کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. گھڻن ئي گرفتار ٿيل جوابدارن تي دهشتگردي جا الزام لاڳو ڪيا ويا آهن. ڪجهه ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف به 9 مئي ۾ ملوث ھئڻ جو ڪيس ھلائي سگھجي ٿو.
انٽيليجنس ايجنسي جو اڳوڻو سربراهه هن وقت فوجي تحويل ۾ آهي ۽ ”سياسي سرگرمين ۾ ملوث“ ھئڻ جي الزام ۾ ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. دفاعي تنصيبات تي حملن جي رٿابندي ۾ سندس ممڪن ڪردار جي حوالي بابت پڇا ڳاڇا جي رپورٽن بعد معاملو وڌيڪ پيچيدو ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف ٽرائل جي وقت تي به سوال اٿاريا پيا وڃن. ڪيترن ئي ماڻھن جي ويجھو ماڻھن تائين پيغام پهچائڻ مقصد ھو.اھي چون ٿا تھ 9 مئي واري واقعي ۾ پي ٽي آءِ ،جي حامين جي سزائن جو اعلان اسلام آباد ۾ 26 نومبر جي واقعي کانپوءِ ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته قنون لاڳو ڪندڙن جي ڪريڪ ڊائون ۾ ڪيترائي مظاھرو ڪندڙ ماريا ويا ھئا.
ان فيصلي کانپوءِ 9 مئي هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي چڪو آهي. ملڪ گير ُپرتشدد واقعن کي 18 مهينا گذري ويا آهن. ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ لاهور جي ڪور ڪمانڊر هائوس سميت ملڪ جي ڪيترن ئي فوجي تنصيبات کي مڇريل ماڻهن نشانو بڻايو ھو.
ان ۾ ڪا بھ عجب جي ڳالهه ناهي ته فوجي عدالت جي فيصلي کي اولھ جي ملڪن پاران به تنقيد ڪئي پئي وڃي، جن ملڪ ۾ ٽرائل جي شفافيت جي کوٽ تي تنقيد ڪئي آهي، جنھن ۾ انصاف جون گھرجون پوريون نٿيون ڪيون وڃن. يورپي يونين ۽ برطانيا سان گڏ آمريڪا به فوجي عدالتن ۾ سويلينز کي سزائون ڏيڻ تي پاڪستان تي سخت تنقيد ڪئي آهي. جنھن سان اسان جي انصاف واري نظام بابت خدشا پيدا ٿيا آهن.